سنڌ

قبو سعيد ۾ ايس ٽي پي جو متاثرن جي واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج

قبو سعيد خان ۾ ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿيڻ خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي تعلقي قبو سعيد خان پاران ضلعي صدر امداد سومرو، عبدالغني مگسي، غلام نبي چنا جي اڳواڻي ۾ گوادر موٽروي تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي ايس ٽي پي اڳواڻن دانهيندي چيو ته اسسٽنٽ ڪمشنر ٻوڏ متاثرن لا آيل راشن، ٽينٽ ۽ ٿڌ کان بچڻ لا گرم ڪمبل سميت قيمتي سامان ٻوڏ متاثرن کي ڏيڻ بدران وڏيرن جي سفارشي ماڻھن کي ڏيئي رهيو آهي. ھنن مطالبو ڪندي ڊي سي قمبر شھدادڪوٽ کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي اسسٽنٽ ڪمشنر زين العابدين مگسي کي هٽائي ڪو ايماندار آفيسر مقرر ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ ڊي سي آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button