سنڌ

لاڙڪاڻي مان پورهيت جو نوجوان پٽ کنڀي گم، وارثن جو احتجاج

لاڙڪاڻي جي نظر محلي جي رهواسين پاڪ ڪتاب کڻي مبينا کنڀي گم ڪيل نوجوان جي آزاديءَ لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي پورهيت بشير احمد چانڊيو پنهنجي پٽ بشارت ککراڻي، ڀيڻ حاڪم زادي، ڀيڻوويي عيدن خان ککراڻي دانهيندي چيو ته منهنجو نوجوان 17 سالن جو پٽ سارنگ ککراڻي گذريل چئن سالن کان نظر محلا جي موسميات کاتي ويجهو دڪان ٻاهريان ڪمپيوٽر تي ڊائون لوڊنگ جو ڪم ڪري گهر ڀاتين جو پيٽ گذر ڪندو آهيان. هن الزام لڳايو ته گذريل رات اٺين ڌاري جي لڳ ڀڳ ڪار ۾ سوار ٻن پوليس اهلڪارن ۽ سول ڊريس پهريل ماڻهن منهنجي نوجوان پٽ سارنگ علي ابڙو کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو جنهن کان پوءِ اسان حد جي رحمت پور ٿاڻي جي پوليس کي شڪايت ڪئي پر پوليس سندس گرفتاري کان لاتعلقي ظاهر ڪري ڇڏي جنهن کان پوءِ اسان شهر جي سمورن ٿاڻن تي سندس جي ڳولا به ڪئي پر ڪٿي به سندس جو ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو بعد ۾ اسان اي ايس پي سٽي سان ملاقات ڪري جنهن خاطري پڻ ڪرائي پر هن وقت تائين پٽ جو ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو جنهن ڪري سمورا گهر ڀاتي سخت پريشانيءَ ۾ مبتلا آهيون. هن وس وارن کي اپيل ڪئي ته پٽ کي آزاد ڪرائي ڇانيل پريشاني ختم ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button