سنڌ

وارهه ۾ ٻوڏ متاثرن جو سهائتا نه ٿيڻ خلاف احتجاج

وارهه ۾ ٻوڏ متاثرن سهائتا نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. يوسي نور آباد جي ڳوٺ مٺو ماڇي، جکر، نهال تنيو، بخش علي ماڇي، بڪيجا، غلام مرتضى چانڊيو، لهڻو ماڇي، جڙيل چانڊيو، فريد چانڊيو، مظھر چانڊيو، شاھنواز ٻڍاڻي، جامڪ چانڊيو جي مختلف ڳوٺاڻن محمد عاقل چانڊيو، حافظ سعيد، عالم خان، سرائي قمر سولنگي، رب رکيو، علي گوھر چانڊيو، مولوي عبدالڪريم جي اڳواڻي ۾ عوامي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. هنن دانهيندي چيو ته ٻوڏ ۾ فصل جايون، مال متاع ۽ اناج ختم ٿي ويو آھي. ڄاڻايل سمورن ڳوٺن کي رليف توڙي راشن وغيره جي سخت ضرورت آھي. ھنن ڊي سي قمبر ۽ چونڊيل نمائندن کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي تعلقي ۾ فوڊ پروگرام هلندڙ آهي، ٻين ڳوٺن جيان ورلڊ فوڊ پروگرام ذريعي راشن ڏيئي سهائتا ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button