سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ آپڪا پاپوليشن جي ملازمن جو احتجاجي مظاهرو

لاڙڪاڻي ۾ آپڪا پاپوليشن ويلفيئر کاتي جي ملازمن مطالبن جي مڃتا لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن پيرل دايو، محمد شريف عمراڻي، عبدالوحيد چانڊيو، طارق ڀٽو، شرافت ابڙو، ادريس جتوئي، عمران سومرو، محمد افضل سانڊاڻو، قطب الدین راجپوت، رضوان مٺاڻي، رجب علي سومرو، جهانگير تنيو ۽ ٻين چيو ته چيو ته قمبر پاپوليشن ويلفيئر کاتي ۾ 19 هين گريڊ جو آفيسر مقرر ڪري جونيئر آفيسرن کان ڏنل 3 ڊي ڊي اوز واپس ڪري ان کي لاڙڪاڻي ڊويزن مان هٽايو وڃي، لاڙڪاڻي ۾ سازش تحت سياسي بنيادن تي رکيل ضلعي آفيسر ڪريم بخش ڀٽو کي هٽايو وڃي، چارٽر آف ڊمانڊ تي عمل ڪري گهوٽڪي سميت مختلف ضلعن ۾ ڪانٽريڪٽ تي رکيل ملازمن کي فوري طور ريگيولر ڪيو وڃي، ملازمن جي پراڻي اپ گريڊيشن بحال ڪري ملازمن کي ٽائيم اسڪيل ۽ رسڪ الائونس ڏئي پروموشن ڪيا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button