سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ بيواهه جي ذهني مريض نوجوان ڌي گم، احتجاج

لاڙڪاڻي جي شاهه بهارو ڪالوني جي رهواسڻ پيرسن بيواهه عورت پاڪ ڪتاب کڻي گم ٿيل ذهني مريض ڌيءَ جي ڳولا ۾ مدد لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي پيرسن بيواهه عورت اميران خاتون ڪورڪاڻي صحافين آڏو دانهيندي چيو ته منهنجي 18 سالن جي ذهني مريض ڌيءَ حاجاڻي ٻه مهينا اڳ چانڊڪا اسپتال علاج ڪرائڻ لاءِ وئي جتان هوءَ گم ٿي وئي، جنهن کي اسان مٽ مائٽن سميت مختلف علائقن ۾ ڳولا ڪرڻ سان گڏ شهر جي مختلف ٿاڻن تي اطلاع ڏنو پر ڪٿي به سندس ڏس پتو نه پئجي سگهيو جنهن ڪري سخت پريشان آهيون. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته نياڻي جي ڳولا ۾ مدد ڪري ڇانيل پريشاني ختم ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button