سنڌ

چڪ ويجهو 2 ڄڻا اغوا، ڦرلٽ بعد هٿياربندن کين ڦٽو ڪري ڇڏيو

چڪ ويجهو پوليس چيڪ پوسٽ سامهون 2 ڄڻن کي اغوا ڪري ڦرلٽ بعد ڦورن ٻنهي ڄڻن کي هٿ ٻڌي زخمي حالت ۾ ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا. چڪ واسي فرمان الله ولد نثار احمد قاضي ۽ اسلم کي 7 هٿياربندن سم شاخ پوليس چيڪ پوسٽ ويجهو روڊ تي ٻنهي ڄڻن کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي هٿ ٻڌي موٽرسائيڪل سميت اغوا ڪري کڻي ويا، جنهن بعد 2 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي نوجوانن مزاحمت ڪئي ته هٿياربند ٻنهي ڄڻن کي بٽ ۽ لٺيون هڻي زخمي حالت ۾ ڦٽو ڪري موبائل فون، موٽرسائيڪل ۽ ٻيو سامان ڦري فرار ٿي ويا. ٻئي طرف زخمي نوجوان سم شاخ پوليس وٽ پهتا جتي پوليس کي اطلاع ڏنو، جنهن بعد سم شاخ پوليس چيڪ پوسٽ تي موجود اهلڪار جو چوڻ هو ته چوڪي تي مان هڪ پوليس اهلڪار آهيان ۽ هٿياربند 7 ڄڻا آهن مان هڪ ڄڻو ڇا ڪندس، جنهن کانپو ٻنهي ڄڻن مايوس ٿي گهر اطلاع ڏنو ۽ فرمان ڀيو ميڊيا آڏو دانهيندي موٽرسائيڪل ۽ ٻيو سامان واپس ڪرائڻ جي گهر ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button