سنڌ

شڪارپور ضلعي ۾ ڪيترائي سرڪاري اسڪول واڙن ۾ تبديل، انتظاميا خاموش

سنڌ سرڪار جي تعليمي ايمرجنسي واري سخت هدايتن باوجود سلطان ڪوٽ، ڳڙھي ياسين، لوڊرا سميت ڀر پاسي علائقن جا سوين سرڪاري اسڪول سالن کان بند هجڻ ڪري معصوم ٻارڙن جو مسقبل دا تي لڳي ويو. سرڪاري اسڪولن اندر مينهن جا واڙا، ان جا گدام، عطائي ڊاڪٽرن جون ڪلينڪون، پرچون جا دڪان قائم ٿيل آهن پر انتظاميا هن وقت تائين ڪا ڪارروائي ناهي، جنهن ڪري سرڪاري اسڪولن ۾ قبضا برقرار آهن ڳوٺ حاجي خان بروهي ۾ قائم سرڪاري اسڪول ڏهن سالن کان بند پيل آھي جنهن ڪري معصوم ٻارڙن جو مسقبل دا تي لڳل آھي. ڳوٺ حاجي خان بروهي ۾ سرڪاري اسڪول ڏهن سالن کان بند هجڻ ڪري اسڪول جي هڪ ڪمري ۾ عطائي ڊاڪٽر جي ڪلينڪ ته ٻئي ڪمري ۾ ڳوٺ جي چڱي مڙس جو دڪان قائم ٿيل آھي، جڏهن ته ڳوٺ چکڙا ۾ سرڪاري اسڪول هڪ گهر تي انتظاميا قائم ڪري ڏنو جيڪو گهر لڏي وڃڻ سبب ويران پيل آھي. فتو ڪوٽ ويجهو بااثر جي زمين آباد ڪرڻ لاه وڏيري سرڪار کان اسڪول جهنگ ۾ منظور ڪرايو، زمين آباد نه ٿيڻ تي علائقي جو بااثر اسڪول جي بلڊنگ ڊاهي اتان لوهه ۽ ٻيو سامان پٽي کڻي ويو. ڳوٺ قادر بخش ۾ سرڪاري اسڪول سالن کان بند آھي، جتي چڱي مڙس سرڪاري اسڪول جو مک دروازو پٽي پنهنجي گهر تي لڳائي ڇڏيو ۽ بااثر سرڪار کان هڪ ٻيو سرڪاري اسڪول ساڳي جا تي پڻ منظور ڪرائي ورتو جيڪو مڪمل ٿيڻ وارو آھي. ان موقعي تي علائقي واسي حاجي خان بروهي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته سنڌ سرڪار هٿ وٺي ٻهراڙي جي تعليم تباهه پئي ڪري، ڊي سي سميت هر آفيسر وٽ دانهيو آهي پر ڏهن سالن کان بند پيل اسڪول نه کليو، سرڪار چاهي ٿي ته ٻھراڙي ۾ تعليم تباهه ٿي وڃي ته جيئن اتان جا ٻار جهالت سبب چور ۽ ڌاڙيل پيدا ٿين، اسان سنڌ حڪومت کان مايوس ٿي ويا آھيون. وزير اعظم، چيف جسٽس، آرمي چيف بند پيل اسڪولن جو نوٽيس وٺي اسان جي معصوم ٻارڙن جو مستقبل تباهي کان بچائين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button