سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ پيرسن جو بيڪري مالڪ جي مبينا ڏاڍ خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي جي علي گوهر آباد پاڙي جي رهواسي پيرسن بيڪري مالڪ جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي پيرسن ديدار علي سومرو دانهيندي چيو ته ڪافي عرصي کان گهر اڳيان بااثر ضمير ابڙو جي بسڪيٽن جي بيڪري قائم ٿيل آهي، جنهن جي بٺي جو سمورو زهريلو دونهون ڏينهن رات منهنجي گهر اندر اچي رهيو آهي، جنهن ڪري مان گڙدن جو مريض ٿي ويو آهيان، اهڙي شڪايت 3 مهينا اڳ مون ايس ايس پي آفيس ۾ داخل ڪرائي جنهن تي بيڪري مالڪ ضمير ابڙو ڊي ايس پي اسد الله ڀٽي وٽ پيش ٿي لکت ڏني ته 3 مهينن اندر بٺي جو پائپ ۽ ڀت مٿي ڪرائيندو ته جيئن دونهون منهنجي گهر ۾ داخل نه ٿئي پر ٽي مهينا گذرڻ باوجود بيڪري مالڪ ڪو ڪم ناهي ڪرايو ويتر بيڪري مالڪ ڌمڪائي رهيو آهي جيڪا وڏي ناانصافي آهي. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي بااثر بيڪري مالڪ خلاف ڪارروائي ڪري مسئلو حل ڪرائي ڇانيل پريشاني ختم ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button