سنڌ

پٽن پي کي گهران ڪڍي ڇڏيو، پيرسن جو ڪشمور ۾ احتجاج

نافرمان پٽن پنهنجي پيرسن پي کي گهران ڪڍي ڇڏيو. ڪوٽ سبزل جي رهواسي پيرسن بهاول سولنگي ڪشمور پريس ڪلب پهچي صحافين آڏو احتجاج ڪندي چيو ته نافرمان پٽ احسن سولنگي گارگند ڪري تشدد ڪري گهر کان ڌڪا ڏئي ڪڍي ڇڏيو هو، هينئر منهجي نياڻي جو مڙس مسجد جو پيش امام حافظ زبير احمد سولنگي جي مخالف ڌر جي گل شير سولنگي، اڪبر سولنگي ۽ ٻين جي چوڻ تي نياڻي جو گهر تباهه ڪرڻ لاءِ صادق آباد جي فيملي ڪورٽ ۾ زبير سولنگي کان طلاق ڏيارڻ لاءِ ڪيس داخل ڪرايو آهي، جنهن جي شنوائي 19 تاريخ تي رکيل آهي، زبير احمد سولنگي مسجد جو پيش امام آهي ۽ منهنجي نياڻي به گهر ۾ خوش آهي، هن جي گهر کي تباهه ڪرڻ چاهين ٿا. مون برادري جي معززين وٽ به دانهو آهي، پٽ احسن انهن جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي. اسان برادري جي معززين ۽ سردار ممتاز چانگ کي اپيل ٿا ڪريون ته نوٽيس وٺي انصاف ڪرائي نياڻي جو گهر تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button