سنڌ

ڊکڻ ويجهو نوجوان ٽريڪٽر هيٺان اچي چيڀاٽجي فوت

ڊکڻ ۾ مدئجي ناڪي وٽ ڳوٺ بڊو واسي نوجوان آصف لولائي ٽريڪٽر هيٺان چيڀاٽجي فوت ٿي ويو. ڊکڻ مدئجي ناڪي وٽ ڳوٺ بڊو واسي 23 ورهين جو نوجوان آصف لولائي هلندڙ ٽريڪٽر ٽرالي تان هيٺ ڪري چيڀاٽجي ٿڏي تي فوت ٿي ويو. اطلاع تي وارث واقعي واري هنڌ پهچي ويا، جيڪي لاش کي چنبڙي روئيندا رهيا. واقعي هنڌ موجود وارثن ٻڌايو تہ نوجوان آصف لولائي ڳوٺ والس آباد بڊو جو رهواسي آھي. بيگم نصرت ڀٽو يونيورسٽي سکر ۾ وين ڊرائيور هو، موڪل هجڻ ڪري صبح جو سکر کان ڳوٺ اچي رهيو هو ته مدئجي ناڪي وٽ ٽريڪٽر ٽرالي تان اوچتو هيٺ ڪري چيڀاٽي فوت ٿي ويو. هوڏانهن ڊکڻ پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته وارثن جو چوڻ آهي ته ڪا ڪارروائي نه ڪنداسين، واقعو اتفاقي ٿيو آهي. جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button