سنڌ

چڪ ويجهو عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيل نوجوان بازياب

چڪ ويجهو 2 مهينا اڳ عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيل نوجوان دليپ عرف دلاور ماڙيچو کي پوليس مقابلي بعد بازياب ڪرائڻ جي دعوى ڪئي. چڪ ويجهو بچا بند تي ويٺل ماڙيچا برادري جو نوجوان دليپ عرف دلاور پٽ الله ڏنو ماڙيچو 2 مهينا10 ڏينهن اڳ عورتاڻي آواز تان هرکجي غوثپور مان اغوا ٿي ويو هو، چڪ پوليس نوجوان جي بازيابي لاء مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پر نوجوان هٿ نه اچي سگهيو. جڏهن ته گذريل رات دير چڪ پوليس ڳجهي اطلاع تي چڪ ٿاڻي جي حد مسافر ڳوٺ ويجهو ڪچي واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪري نوجوان کي پوليس مقابلي بعد بازياب ڪرائڻ جي دعوى ڪري ڇڏي. پوليس جو چوڻ هو ته نوجوان کي ڌاڙيل هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ منتقل ڪري رهيا هئا ته ڪارروائي ڪري نوجوان کي بازياب ڪرائي ورتو آهي. جڏهن ته نوجوان جي وارثن کان 10 لک ڀنگ طلب ڪيو ويو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button