سنڌ

رستم ويجهو چوپائي مال ۾ وچڙندڙ بيماري، ڪيترائي ڍور مري ويا

رستم ويجهو ڳوٺ محمد اسماعيل جتوئي جي رھواسي ڳوٺاڻن جي چوپائي مال ۾ وچڙندڙ بيماري منھن ڪڍيو. ٽن ڏينھن اندر ٻڪرين سميت مالوندن جا ڪيترائي ڍور مري ويا. ڳوٺاڻن ڪليم، طاھر جتوئي، شفيع محمد مھر، احمدالدين جتوئي ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته رستم ۾ قائم وٽرنري ڊاڪٽرن جي مبينا غفلت سبب اسان جو لکين روپين جو نقصان ٿيو آھي. ٻڪرين سميت ڪيترائي ڍور مري ويا آھن، وچڙندڙ بيماري جي خوف کان ڪجهه ڍور اسان اڌ رقم ۾ وڪرو ڪري ڇڏيا آھن. ھنن جو چوڻ ھو ته اسان وٽرنري ڊاڪٽرن سان مسلسل رابطي ۾ رھيا آھيون. ھنن جو اھو ئي چوڻ آھي ته دوائن جي کوٽ ٿي وئي آھي، مالوند ماڻھو مئل جانورن کي پاڻي ۾ اڇلائين ٿا جنھن ڪري خطرناڪ بيمارين منھن ڪڍيو آھي، ان بيماري جو اسان وٽ ڪو علاج ناھي. وٽرنري ڊاڪٽر علاج بدران اسان کي خالي مشورا ڏئي رھيا آھن. ھنن لائيو اسٽاڪ کاتي جي صوبائي وزير کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ڳوٺ ۾ چوپائي مال جي علاج لا سرڪاري ڊاڪٽرن جي ٽيم موڪلي اسان کي وڌيڪ نقصان کان بچايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button