سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ پاپوليشن کاتي جي ملازمن جي قلم ڇڏ هڙتال،احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ پاپوليشن کاتي جي ملازمن مطالبن جي مڃتا لاءِ قلم ڇڏ هڙتال ڪندي آفيس جي احاطي ۾ علامتي بک هڙتال ڪري نعريبازي ڪئي، جنهن دوران هڪ ملازم علي نواز سومرو بلڊ پريشر گهٽجڻ سبب بيهوش ٿي پيو. ان موقعي تي اڳواڻي ڪندڙ آپڪا اڳواڻ پيرل دايو، محمد شريف عمراڻي، عبدالوحيد چانڊيو، رجب سولنگي، اڪبر علي مڱڻيجو، افضل سانڊاڻو، سيد نور علي شاھ ۽ ٻين چيو ته ضلعي قمبر شهدادڪوٽ ۾ 19 هين گريڊ جو آفيسر مقرر ڪري لاڙڪاڻي ۾ هڪ سازش تحت مقرر ڪيل ضلعي آفيسر ڪريم بخش ڀٽو کي فوري طور هٽايو وڃي ٻي صورت ۾ لاڙڪاڻي ضلعي ۾ مقرر ڪرائيندڙ چونڊيل نمائيندي جي گهرن اڳيان تئو ٽنگيو ويندو. هنن چيو ته ملازمن جي چارٽر آف ڊمانڊ تي فوري طور عمل ڪيو وڃي، پراڻي اپ گريڊيشن بحال ڪري ملازمن کي ٽائيم اسڪيل ۽ رسڪ الائونس ڏنو وڃي. گهوٽڪي جي 11 ملازمن جون 5 سالن کان روڪيل پگهارون جاري ڪيون وڃن ۽ ڪانٽريڪٽ ملازمن کي ريگيولر ڪيو وڃي. هنن چيو ته سرڪاري نوڪريون سياسي بنيادن تي ورهائڻ وارو منصوبو جوڙيو ويو آهي، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو، سرڪاري نوڪرين ۾ رٽائرڊ، سينيئر ملازمن جي اولاد کي ملازمتون ڏنيون وڃن، جنهن لاءِ پيپلز پارٽي جي قيادت کي گهرجي ته سنڌ جي عوام ۽ ملازمن سان ناانصافيون نه ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button