سنڌ

ڳيريلو ۾ نئين داخلا مهم جو هفتو ملهائڻ جي سلسلي ۾ ريلي

سنڌ جي تعليم کاتي پاران پڙهندي سنڌ وڌندي سنڌ جي عنوان سان اسڪولن ۾ نئين داخلا مهم جي هفتو ملهائڻ واري اعلان بعد داخلا مهم جي جاڳرتا لاءِ رشيد وڳڻ هاءِ اسڪول جي هيڊ ماستر زاهد حسين سومرو ۽ پرويز علي لاکو جي اڳواڻي ۾ اسڪول کان ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪيو ويو. پڙهندي سنڌ ته وڌندي سنڌ جي عنوان سان ڪڍيل ريلي ۾ شريڪ استادن پنهنجي خطاب ۾ چيو ته سنڌ ۾ ٻوڏ سبب سنڌ جي ٻهراڙين جا ماروئڙا پنهنجي گهرن کان بي گهر ٿي دربدر ٿي ويا آهن، جنهن ڪري سندن ٻچڙن جي تعليم پڻ سخت متاثر ٿي آهي، ان ڪري اسان هي هفتو ملهائي رهيا آهيون ته جيئن والدين پنهنجي ٻارڙن کي وڌ کان وڌ اسڪولن ۾ داخل ڪرائي سگهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button