سنڌ

شڪارپور ۾ عدالت ڀتي ڪيس ۾ ٻن صحافين کي بري ڪري ڇڏيو

شڪارپور دهشت گردي ٽوڙ عدالت ڀتي گهرڻ واري ڪيس ۾ ٻن صحافين کي با عزت بري ڪري ڇڏيو. دهشت گردي ٽوڙ عدالت جي جج محمد هاشم سومرو ڀتي ڪيس ۾ پريس ڪلب جي اڳوڻي صدر سلطان رند ۽ صحافي طاهر جان ڀٽو کي با عزت بري ڪري ڇڏيو. عدالت 3 ڊسمبر تي ٻنهي ڌرين جي وڪيلن صحافين جي ڌر جي وڪيل ايڊووڪيٽ عقيل عباس سومرو، ايڊووڪيٽ ظفر چنو ۽ ٺيڪدار طاهر ناپر پاران ايڊووڪيٽ ياسر سومرو جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪيو هو. واضح رهي ته مقامي ٺيڪيدار طاهر ناپر صحافين مٿان پنج لک ڀتي گهرڻ جو ڪيس دهشتگردي جي قلمن هيٺ لکيدر ٿاڻي تي 17 مهينا اڳ داخل ڪرايو هو، جنهن تي قلم ڌڻين پاران احتجاج ڪيو ويو هو. عدالت ٻنهي صحافين کي با عزت بري ڪرڻ واري فيصلي بعد شڪارپور پريس ڪلب جي اڳوڻي سلطان رند چيو ته اڄ حق سچ جي فتح ٿي آھي، اسان پهريان به چيو هو ته اسان بيگناهه آھيون، هٿرادو هٿ ڪنڊن سان صحافين جي آواز کي دٻائي نٿو سگهجي، اڄ جو ڏينهن قلم جي فتح جو ڏينهن آھي. صحافي طاهر جان ڀٽو چيو ته غلط ڪم جي نشاندهي تي اسان مٿان من گهڙت ۽ سراسر ڪوڙو الزام لڳايو ويو اڄ ڪورٽ سڳوري انصاف ڪيو.هن چيو ته هميشه فتح حق ۽ سچ جي ٿيندي آھي اڄوڪو تاريخي فيصلو ڪرپٽ ماڻھن جي منهن تي چماٽ آھي، جيڪي ڪوڙن ڪيسن ذريعي صحافين کي هيسائڻ گهرن ٿا. عدالت جي فيصلي بعد ٻنهي صحافين کي جلوس جي صورت ۾ پريس ڪلب آندو ويو، جتي مٿن گلن جي ورکا ڪئي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button