سنڌ

ڳيريلو واسين جو بااثر ماڻهن جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ تعلقي باقراڻي جي ڳيريلو واري علائقي واسين بااثرن جي مبينا زياتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي عورت لبنى خاتون ميئو مڙس جاويد احمد، ڏير خليل، ٻارڙن زينب، نيها ۽ سمير ميئو سان گڏجي صحافين آڏو دانهيندي الزام لڳايو ته گذريل سومر ڏينهن پاڙي جي بااثرن يوسي چيئرمين عطا الله ميئو، شهاب الدين ميئو، رمضان ميئو ۽ ٻين ڀت جي معمولي ڳالهه تان گهر ۾ گهڙي مون سميت مڙس ۽ معصوم ٻارڙن مٿان سخت تشدد ڪيو. واقعي جي اين سي حد جي ڳيريلو ٿاڻي تي داخل ڪرائي پر پوليس بااثرن سان ٻٽ بڻيل آهي. هن چيو ته ڄاڻايل بااثرن اسان جي گهر تي قبضو ڪرڻ چاهن ٿا، جنهن ڪري هو اسان تي تشدد ڪري حراسان ڪري رهيا آهن ته جيئن هو اسان جي گهر تي قبضو ڪري سگهن، جيڪو ظلم ۽ زيادتي آهي. هن ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻي کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي بااثرن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button