عمرڪوٽ شهر ۾ موتي چوڪ تي ڇاپي دوران ھڪ گھر مان لکين رپين جون سرڪاري دوائون هٿ آيون آهن، هڪ جوابدار فرار ٿي ويو آهي. تفصيل موجب ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ جي حڪم تي اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ حنين طارق شاھاڻي ۽ ڊرگ انسپيڪٽر نريش ڪمار سوٽھڙ پنهنجي ٽيم سميت موتي چوڪ ويجهو لوھاڻا پاڙي ۾ مڪيش ڪمار ڀاٽيا جي گهر تي ڇاپو هنيو، جتان لکين رپين جي ماليت جون سرڪاري دوائون مليون آهن، جن ۾ ميٽروزائن گوريون، بيٽرول ڪيپسول سميت ٽوٽل 21 دوائون جن ۾ ڪيپسول ۽ انجيڪشن به شامل آھن، سموريون ھٿ ڪيل دوائون سيل ڪري پوليس جي حوالي ڪيون ويون آھن، جڏھن ته ڊرگ انسپيڪٽر نريش سوٽھڙ جي فرياد تي ھڪ جوابدار نريش ڪمار مٿان عمرڪوٽ سٽي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو، جڏهن ته مڪيش ڪمار ڀاٽيا فرار ٿي ويو آھي. ٻئي طرف ڊي ايڇ او عمرڪوٽ فريڊ ھگورجي سرڪاري دوائون ملڻ واري معاملي جي جاچ لاءِ ڊاڪٽر محمد علي نھڙي جي سربراھي ۾ 3 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي آھي، جيڪا جاچ ڪري رپورٽ ڊي ايڇ او حوالي ڪندي. ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر فريد احمد هڱورجي ٻڌايو ته دوائون واقعي سرڪاري آهن، جوابدار مٿان ڪيس پڻ داخل ڪرايو آهي، اسان ڪميٽي جوڙي آهي، جيڪا جاچ ڪري رهي آهي، جيڪي به ماڻهو ملوث هوندا انهن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ٿيندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close