اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

حڪومت پيٽرول 10 رپيا في لٽر سستو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد :ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار پيٽرول جي اگهه ۾ لاٿ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. تيل اگهن ۾ ڦير ڦار ڪئي وئي آهي، جنهن موجب پيٽرول 10 رپيا في لٽر سستو ڪيو ويو آهي. اگهن ۾ لاٿ جي اعلان بعد پيٽرول جو نئون اگهه 214 رپيا 80 پيسا ٿي ويو آهي. نون اگهن موجب ڊيزل جي اگهه ۾ في لٽر ساڍا ست رپيا گهٽتائي ڪئي وئي آهي. جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جو اگهه 227 رپيا 80 پيسا ٿي ويو آهي. گاسليٽ جي اگهه ۾ به 10 رپيا گهٽتائي ڪئي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button