سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ پاپوليشن کاتي جي ملازمن جو مطالبن جي مڃتا لا احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ پاپوليشن کاتي جي ملازمن مطالبن جي مڃتا لاءِ قلم ڇڏ هڙتال ڪري احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان علامتي بک هڙتال ڪئي. ان موقعي تي پيرل دايو، محمد شريف عمراڻي، قطب الدين راجپوت، عامر کيڙو، رضوان مٺاڻي، عبدالوحيد چانڊيو، رجب سولنگي، عمران سومرو، مهتاب ميراڻي، ادريس جتوئي، عبدالوهاب مغيري، مهتاب ميراڻي، شبنم جوڻيجو ۽ ٻين چيو ته لاڙڪاڻي ۾ سازش تحت رکرايل ضلعي آفيسر ڪريم بخش ڀٽو کي فوري طور هٽائي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ ۾ 19 هين گريڊ جو آفيسر مقرر ڪري، جونيئر آفيسر کي هٽائي سندس کان ڊي ڊي او واپس ورتو وڃي. هنن چيو ته ملازمن جي ڏنل چارٽر آف ڊمانڊ تي عمل ڪيو وڃي. هنن مطالبو ڪيو ته پراڻي اپگريڊيشن بحال ڪري ملازمن کي ٽائيم اسڪيل، رسڪ الائونس ڏيڻ سان گڏ ڪانٽريڪٽ ملازمن کي ريگيولر ڪيو وڃي، ملازمن جا پروموشن ڪري پگهارن، پينشن ۾ 50 سيڪڙو واڌ ڪئي وڃي، جڏهن ته رٽائرڊ، فوتي ۽ سينيئر ملازمن جي اولاد کي 50 سيڪڙو ملازمتون ڏنيون وڃن ۽ ادارن مان سياسي مداخلت ختم ڪري سمورا جائز مطالبا منظور ڪري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button