سنڌ

اسٽيبلشمينٽ حڪومت سان گڏ بيٺل، مُلڪ جي حالتن جو ذميوار باجوا آهي:عمران خان

اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته اسان اڄ جنهن جاءِ تي بيٺا آهيون، ان ۾ جنرل ( ر ) باجوا جو هٿ آهي. ڪراچي ۾ عورت ڪنونشن کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي هن چيو ته پي ٽي آءِ کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ پوليٽڪل انجينيئرنگ ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته بدقمستيءَ سان اسان جي اسٽيبلشمينٽ ماضي مان سبق ناهي سکيو، اڄ ابه اسان کي پوليٽيڪل انجينيئرنگ نظر اچي رهي آهي، خدا جي واسطي ڪير سياسي انجنيئرنگ نه ڪري. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته اڄ ايم ڪيو ايم جي ڌڙن کي گڏ ڪيو پيو وڃي، باپ جي پ پ ۾ ضم ٿيڻ جو خبرون اچي رهيون آهن، ڏکڻ پنجاب ۾ انهن جا ماڻهو فون ڪري پ پ ۾ شموليت جو چئي رهيا آهن.هن چيو ته پنجاب ۾ ن ليگ جي حڪومت آڻڻ جي پلاننگ رٿي وئي آهي، ڪي پي ۾ هڪ ٻي گيم هلي رهي آهي ته جيئن پي ٽي آءِ کي ڪمزور ڪيو وڃي، ان سياسي انجنيئرنگ جو مقصد ۾ سمجهه کان ٻاهر آهي.حڪومتي پاليسين تي تنقيد ڪندي عمران خان اِها شڪايت به ڪئي ته اسان جون سگهاريون ڌريون به انهن سان گڏ آهن. هن چيو ته هي ايڪشن وٺڻ جو وقت آهي، اسان مُلڪ ۾ آزاد چونڊون ۽ پائيدار جمهوريت چاهيون ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button