سنڌ

سنڌ ۾ هڪ سال اندر 123 ماڻهو ڪارو ڪاري جي الزام ۾ قتل

سنڌ ۾ گذريل سال 123 ماڻهن کي ڪاروڪاري جي الزام ۾ قتل ڪيو ويو، سڀ کان وڌيڪ قتل لاڙڪاڻي رينج ۾ ٿيا، ڪنهن به جوابدار کي سزا نه ٿي سگهي. سنڌ پوليس جي رڪارڊ مطابق سال 2022 ۾ سنڌ ۾ ڪاروڪاري جي 106 واقعن ۾ 123 ماڻهن کي قتل ڪيو ويو، جن ۾ 99 عورتون ۽ 24 مرد شامل آهن. پوليس رڪارڊ مطابق ڪراچي ۾ ڪاروڪاري جي چئن واقعن ۾ 5 عورتن سميت 7 ڄڻا قتل ٿيا، حيدرآباد رينج ۾ ڪاروڪاري جي ٽن واقعن ۾ ٽن عورتن سميت 4 ڄڻا، شهيد بينظير آباد رينج ۾ ڪاروڪاري جي 10 واقعن ۾ عورتن سميت 12 ڄڻا، سکر رينج ۾ 31 واقعن ۾ 26 عورتن سميت 32 ڄڻا ۽ لاڙڪاڻي رينج ۾ ڪاروڪاري جي 58 واقعن ۾ 56 عورتن سميت 68 ماڻهن کي قتل ڪيو ويو، پوليس مطابق ڄاڻايل واقعن جا 104 ڪيس رجسٽرڊ ڪيا ويا، پوليس داخل ڪيسن ۾ 84 چالان جمع ڪرايا، جن مان ڪنهن به جوابدار کي سزا نه ٿي. پوليس رڪارڊ مطابق سال 2021 ۾ ڪاروڪاري جي الزام ۾ 125 ماڻهن کي قتل ڪيو ويو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button