سنڌ

ڪوٽڙي ۾ معذور شخص جي زمين تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش

ڪوٽڙي ٽيليگراف جي ڳوٺ مانجو شورو واسي ٻنهي ڄنگهن کان معذور سهيل شورو مائٽن سان گڏ حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ديهه سون ولهار ۾ سندس 3 ايڪڙ 17 گهنٽا ابن ڏاڏن جي زمين آهي جنهن تي پيپلز پارٽي جي مقامي ايم پي اي جا ماڻهو قبضي جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. هن چيو ته 2 ڏينهن اڳ زمين تي ويس ته ياسين برفت، قبول برفت، خان برفت ۽ ٻيا بااثر ماڻهو هٿيار کڻي پهتا ۽ لائسنس وارو رپيٽر ۽ مسجد جي اڏاوت لاءِ رکيل 50 هزار رپيا ڦر ڪري ويا آهن، بااثر ماڻهن جو ڪم ئي زمينن تي قبضو ڪرڻ آهي. هن چيو ته مون اهڙي دانهن ڪوٽڙي پوليس کي ڏني آهي پر اڃا تائين جوابدارن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي وئي آهي، لاڳاپيل اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪريان ٿو ته ڦر ڪيل رپيٽر ۽ پئسا واپس ڏياري جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button