پاڪستانسنڌ

عمرڪوٽ ضلعي ۾ وڻن جي واڍي جاري، قلم 144 لاڳو نه ٿيو

عمرڪوٽ: عمرڪوٽ ضلعي جي مختلف علائقن مهيندري جو پار، ماروهر، صوفي فقير، راجا رستي ۾ روهيڙو، ڦوڳ، ڄار، ٻٻر ۽ ٻين قيمتي وڻن جي غيرقانوني واڍي جاري آهي. سماجي اڳواڻن حاجي ساند، عبدالله بنگلاڻي، نياز راڄڙ ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته فاريسٽ کاتو جي نااهلي سبب ضلعي ۾ قيمتي وڻن جي واڍي جاري آهي، جنهن سبب ماحولياتي آلودگي ۾ واڌ اچي وئي آهي. وڻ وڍيندڙ فاريسٽ کاتي جي عملدارن کي ڳري رشوت ڏئي وڻن جو سرعام قتل عام ڪري رهيا آهن ۽ فاريسٽ کاتو پنهنجي روايتي خاموشي اختيار ڪري وڻ وڍيندڙن کي کلي ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي. هنن اعلى اختيارين کان گهر ڪئي ته نااهل ضلعي انتظاميا ۽ وڻ وڍيندڙ خلاف سخت ڪارروائي ڪري قيمتي وڻ بچايا وڃن. ٻئي طرف رابطي تي آر ايف او فاريسٽ اڪبر سومرو “سنڌ ايڪسپريس” سان ڳالهائيندي چيو ته اسان ڊي سي عمرڪوٽ ۽ ڪمشنر ميرپورخاص کي 144 قلم لاڳو ڪرڻ لا لکيو آهي، پر اڃان تائين نوٽيفڪيشن ناهي نڪتو. اسان جي رولز موجب اسان غيرقانوني طور ناياب نسل جي وڻن جي واڍي تي ڏنڊ هڻي مال ضبط ڪندا آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button