سنڌ

مڪاني چونڊن ۾ جي يو آئي جو ساٿ ڏيو، مهانگائي مان نجات ڏيارينداسين: راشد محمود سومرو

جي يو آ سنڌ جو جنرل سيڪريٽري راشد محمود سومرو مڪاني چونڊون ويجهو ايندي ئي بدين پهچي ويو، جتي ڪڍڻ شهر، رپ شريف ۽ کور واهه ۾ اليڪشن مهم هلائي عوام کان ڪتاب جي نشان کي ووٽ ڏيڻ لا اپيل ڪئي. مختلف هنڌن تي جلسن ۽ تقريبن کي خطاب ڪندي راشد محمود سومري چيو ته سنڌ ۾ هٿرادو مھانگائي پيدا ڪئي وئي آھي، کاڌي پيتي جون شيون اٽو، کنڊ ۽ گيهھ غريب ماڻھن جي کائڻ کان چوٽ چڙهي ويون آھن، ڏھاڙي ڪمائيندڙ مزدور ٻن ويلن جي اٽي لا پريشان آھن، سنڌ ۾ ڪيترن ئي سالن کان مافيا جي روپ ۾ ھڪ سياسي پارٽي جي حڪومت آھي، سنڌ جي عوام کي مھنگائي مان صرف جي يو آ جي حڪومت ئي ڇوٽڪارو ڏياري سگھي ٿي. هن چيو ته عوام دشمن پارٽين ورهين کان وٺي سنڌين جي حقن تي ڌاڙو هنيو آهي، بدين سميت سڄي سنڌ مان اربين رپين جو تيل ۽ گئس نڪري ٿو، ان باوجود سنڌي ماڻھو اٽو وٺندي لتاڙجي مري ٿا وڃن ۽ ساري سنڌ ڀڙڀانگ لڳي پئي آھي، اوهان اسان جو ساٿ ڏيو ته اسان نوابن، وڏيرن ۽ پيرن کي شڪست ڏئي عوام جي خدمت ڪنداسين. ان موقعي تي مولانا محمد عيسيٰ سمون، مولانا خان محمد پٺاڻ، حبيب الله خاصخيلي، مولانا فتح محمد مهيري ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button