سنڌ

سنڌ ايڪشن ڪميٽي جا سنڌ دشمن منصوبن خلاف ڪراچي،حيدرآباد ۽ ٻين شهرن ۾ ڌرڻا،علامتي بک هڙتال

سنڌ دشمن منصوبن خلاف سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو ۽ نوابشاهه سميت سنڌ جي ڊويزنل هيڊ ڪوارٽرن وارن شهرن ۾ ڌرڻا هڻي علامتي بک هڙتالن ذريعي احتجاج ڪيو ويو. ڪراچي ۾ پريس ڪلب آڏو ٽئين به علامتي بک هڙتال جاري رکي وئي، جتي جي ڊي اي اڳواڻ زين شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بک هڙتال جو مقصد پنهنجو آواز ايوانن تائين پهچائڻ آهي، هن بک هڙتال ۾ سنڌ جون مختلف جماعتون شريڪ آهن، 1973ع جي آئين ۾ نون صوبن جو ڪو به ذڪر موجود ناهي، سنڌ اسيمبلي بدران وفاق ۾ فيصلا ٿين، اسان کي اهو قبول ناهي. حيدرآباد پريس ڪلب سامهون ٻئي ڏينهن به ڌرڻو ھنيو ويو، جتي صحافين سان ڳالهائيندي قومي عوامي تحريڪ جي سربراهھ اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن کي زرداري ليگ تباهي جي ڪناري پهچائي ڇڏيو آهي، اٽو 150 رپيا وڪامجي رهيو آهي، اهو سنڌين کي ووٽ ڏيڻ جو تحفو آهي، هاڻ اٽو مهانگو ٿيو آهي وري پاڻي بند ڪندا، هنن جي وس ۾ هجي ته آڪسيجن به بند ڪري ڇڏين، هڪ ماڻهو اٽي جي ڪري فوت ٿي ويو آهي، اهو قتل به پيپلز پارٽي جي ذمي آهي، سنڌي ماڻهو بس مڇ کي وٽ ڏئي هوٽلن تي فلمون ڏسڻ ۾ خوش آهن، هنن کي توهان اقتدار ڏنو آهي هاڻ ڀلي لوڙيو. روشن ٻرڙي چيو ته هي بگهڙ سنڌ جو رت چوسي رهيا آهن، سنڌ جي 6 ڪروڙ عوام کي هاڻ سجاڳ ٿيڻ جي ضرورت آهي، هوڏانهن نوابشاهه ۾ به سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران 24 ڪلاڪن واري بُک هڙتال ڪئي وئي، جتي ڄام اسلم ڪوريجو، ڊويزنل صدر فلڪ شير اوڏ، ضلعي صدر مجيب ماڇي، جسقم آريسر جي سرمد ميراڻي، قومي عوامي تحريڪ جي ابراهيم بگٽي، جيئي سنڌ محاذ جي نويد ڇٽو، جسقم جي علي رضا خاصخيلي ۽ سنڌي ادبي سنگت جي شبير سيال، ستار سندر ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. لاڙڪاڻي ۾ عوامي جمهوري پارٽي جي ميزباني ۾ احتجاج ڪيو ويو، جنهن ۾ عوامي جمهوري پارٽي صدر ايڊووڪيٽ سيد لعل شاهه، جسم اڳواڻ عزيز الله ڀٽو، ايس يو پي اڳواڻ غلام مصطفي چانڊيو، ڀائو درمحمد ٻرڙو، محمد علي خشڪ ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪيو. سکر ۾ جسم صدر رياض چانڊيو، شاهه محمد انڍڙ ۽ ٻين علامتي بک هڙتال ڪئي. ميرپورخاص ۾ به احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو. سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن چيو ته ملڪ ۾ معاشي گهوٽالو آهي. عوام اٽي لا پريشان آهي پر وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن جي ڪن تي جون به نه ٿي چري، هنن چتا ڏيندي چيو ته خورشيد شاهه جي اڳواڻي ۾ ٺهيل ڪميٽي کي رد ڪري ٺهرا کي ختم نه ڪيو ويو ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button