سنڌ

عمران خان جهڙو ڪوڙو پوليٽڪل انجنيئرنگ جي ڳالهه پيو ڪري:شرجيل ميمڻ

اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پاڪستان جو سڀ کان وڏو ڪوڙو ۽ منافق شخص عمران خان پوليٽيڪل انجنيئرنگ جي اصطلاح استعمال ڪري رهيو آهي. عوام کي گمراهه ڪرڻ لاءِ هڪ نئون بيانيو ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. عمران خان گذريل ڏينهن الزام هنيو آهي ته سياسي انجنيئرنگ ذريعي ماڻهن کي مختلف هنڌن کان پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيڻ لاءِ فون اچي رهيا آهن، جيڪي سراسر بي بنياد ۽ ڪوڙيون ڳالهيون آهن. ڪنهن به قسم جي سياسي انجنيئرنگ نه پئي ٿي ، ادارا غير جانبدار آهن. هن چيو ته اهو شخص پوليٽيڪل انجنيئرنگ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، جنهن کي مصنوعي طور تي سياسي انجنيئرنگ ڪري پارٽي ٺاهي ڏني وئي ۽ مختلف پارٽين جا لوٽا ڳولي ڳولي هن جي حوالي ڪري ملڪ تي مسلط ڪيا ويا. ھن چيو ته لاهور جلسي ذريعي عمران خان جي سياست کي پوليٽيڪل انجنيئرنگ ذريعي اڀاريو ويو ۽ 2018ع ۾ بدترين ڌانڌلي ڪري کيس وزيراعظم بڻايو ويو. ملڪ جو ٻار ٻار هن حقيقت کان واقف آهي، اهو شخص اڄڪلهه پوليٽيڪل انجنيئرنگ جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي. ان لاءِ ٻڏڻ جو مقام آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ سنڌ آرڪائيوز ڪمپليڪس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن چيو ته عمران خان جي ڪوشش آهي ته هر روز ادارن تي الزام هڻي انهن جي ساک متاثر ڪري. پي ٽي آءِ عملي طور هڪ کوکلي پارٽي آهي ۽ اها پارٽي غير سياسي کوکلن ماڻهن تي ٻڌل آهي، جيڪي فقط الزام بازي ذريعي پنهنجو ڪم هلائڻ چاهين ٿا. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سنڌ حڪومت کي چيو آهي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزن ۾ 15 جنوري تي مڪاني چونڊون ڪرايون وڃن. سنڌ حڪومت اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي مڪمل طور تي قبول ڪري ٿي ۽ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته متحده قومي موومينٽ پاڪستان سندن اتحادي جماعت آهي، انهن جون جيتريون به شڪايتون هيون، انهن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ملڪ ۾ آئيني ادارا به موجود آهن. آئيني ادارا جيڪي چوندا سنڌ حڪومت ان تي عمل ڪرڻ جي پابند آهي. هن چيو ته مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ رينجرز ۽ فوج جي مقرري اليڪشن ڪميشن ۽ گهرو وزارت جي دائري ۾ اچي ٿو. هن چيو ته اڄ پي ٽي آءِ جي هڪ صاحب ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته مڪاني چونڊون خوني هونديون، جنهن کي سنجيدگي سان وٺڻ گهرجي. هن چيو ته انهن ئي چيو هو ته لانگ مارچ خوني ٿيندو، پوءِ اهو هنن ڪري ڏيکاريو ۽ هاڻي هو نئين ڳالهھ ڪري رهيو آهي ته ڪراچي ۾ بلدياتي چونڊون خوني ھونديون . صوبائي وزير جو چوڻ هو ته الله نه ڪري جيڪڏهن ڪراچي ۾ اهڙو ڪو واقعو ٿيو ته ان شخص کي جانچ ۾ شامل ڪيو ويندو. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان يا ڪو ٻيو ان ڳالهه جو نوٽيس وٺي يا نه وٺي پر سنڌ حڪومت ان جو نوٽيس ضرور وٺندي. هن چيو ته هي شخص ڪائونسلر جي چونڊ هارائي ويو هو بعد ۾ 2018ع جي عام چونڊن ۾ بدترين ڌانڌلي ذريعي ايم اين اي ۽ وزير بڻيو. هي چاهين ٿا ته خوف وارو ماحول پيدا ڪن ته جيئن شهري ووٽ ڏيڻ لاءِ ٻاهر نه نڪرن. هنن جي ذهن ۾ ڪهڙي رٿابندي هلي رهي آهي، شايد هو ڪراچي ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن واري ڏينهن خون خرابو ڪرڻ چاهين ٿا. جماعت اسلامي بابت ڳالهائيندي اطلاعات واري صوبائي واري وزير چيو ته جماعت اسلامي 2013ع جي عام چونڊن جو منجھند 2 وڳي بائيڪاٽ ڪري هلي وئي هئي. انهن کي ٻه ڀيرا ڪراچي جي ميئر جو عهدو ملي چڪو آهي. ڪو هڪ ميگا پروجيڪٽ ٻڌائين، جيڪو انهن مڪمل ڪيو آهي. هن چيو ته جماعت اسلامي ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ ڪلاشنڪوف ڪلچر متعارف ڪرايو. انهن ماڻهن کي تعليمي ادارن ۾ ثقافتي تقريبون ۽ ڏڻ ملهائڻ کان روڪيو، انهن پنهنجي سياست ۽ سوچ ٻين تي زبردستي مڙھي آهي. اهي پنهنجي ڪارڪردگي جي بنياد تي سياست نٿا ڪن، رڳو الزام ۽ نفرت سندن سياست جو محور آهي. صوبائي وزير چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت پنهنجي عملي ڪارڪردگي جي بنياد تي سياست ڪري ٿي. سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ هر شعبي ۾ ڪم ڪيو آهي. صوبائي وزير چيو ته جيڪڏهن هي ماڻهو چاهين ٿا ته ڪراچي جو عوام کين ووٽ ڏئي ته کين عملي ڪارڪردگي ڏيکارڻي پوندي، هاڻي ماڻهو انهن جي ڳالهين ۾ نه ايندا. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ميرپورخاص ۾ اٽي جي خريداري دوران افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جنهن ۾ هڪ شهري جي قيمتي جان ضايع ٿي وئي. هن چيو ته خوراڪ واري صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا اسٽالن جو تعداد وڌائڻ جا حڪم ڏئي ڇڏيا آهن ته جيئن رش جي ڪري اهڙا واقعا پيش نه اچن. هن چيو ته سنڌ حڪومت عوام سان ڪيل واعدو پورو ڪندي 15 مارچ تائين 65 رپيا في ڪلو رعايتي اگهه تي اٽي جي فراهمي جاري رکندي. هن چيو ته روزانو صوبي جا لکين ماڻهو ان سهولت مان فائدو حاصل ڪري رهيا آهن. اها سهولت پاڪستان جي ڪنهن به صوبي ۾ موجود ناهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت اربين رپين جي سبسڊي ڏئي رهي آهي. هن چيو ته ڪجهھ ڏينهن اڳ منهنجي ۽ اسان جي هڪ صوبائي وزير خلاف پي ٽي آءِ ۽ فواد چوڌري پنجاب ۾ ڪيس داخل ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. هڪ هفتو گذري ويو پر هنن نه ته منهنجي خلاف ڪيس داخل ڪيو ۽ نه ئي اليڪشن ڪميشن ۾ منهنجي خلاف ريفرنس داخل ڪيو. هن چيو ته پي ٽي آءِ ۽ ان جي قيادت کي قانوني نوٽيس موڪلي ڇڏيو آهي. مان کين چئلينج ٿو ڪريان ته جيڪڏهن هنن ۾ همت آهي ته منهنجي خلاف ڪيس داخل ڪرائين ۽ اليڪشن ڪميشن ۾ ريفرنس داخل ڪرائين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button