پاڪستانسنڌ

ٽارچر سيلن ۽ ڪيسن باوجود سيد جا سپاهي ميدان عمل ۾ آهن: نياز ڪالاڻي

مورو: ٽارچر سيل ۽ ڪيسن باوجود سائين جي ايم سيد جا سپاهي ميدان عمل ۾ آهن، شهيد بشير خان قريشي اسان جو مچ هو، جنهن جي تاريخ گواهه آهي، اڄ به قومي ڪارڪنن قربانيون ڏئي رهيا آهن. اهڙو اظهار ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي مورو ڀرسان ڳوٺ مناهي ۾ قومپرست ڪارڪنن آصف راهوجو جي سالگرهه تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته شهيد بشير خان قريشي ضدي هو ۽ تاريخ ۾ ضدي ڪامياب ٿيا آهن، سائين جي ايم سيد جي سالگرهه تي ڪجهه پاڻ کي وڻائڻ لا غير اخلاقي پوسٽون ڪندا آهن، پر اسان انهن کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته سيد جا شاگرد اڃا زندا آهن، ٿورو هوش کان ڪم وٺو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button