سنڌ

سڪرنڊ اسپتال ۾ سهولتن جي کوٽ خلاف ڌرڻو، بک هڙتال

تعلقه اسپتال سڪرنڊ ۾ دوائن، عملي ۽ سهولتن جي کوٽ خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران چوٿين ڏينهن به تعلقه اسپتال جي گيٽ آڏو علامتي بک هڙتال ڪري ڌرڻو ھنيو ويو. ان موقعي تي عبدالقادر جيلاني، گل انقلابي ۽ ايوب کوسو چيو ته گذريل ڪيتري وقت کان تعلقه اسپتال سڪرنڊ مسئلن جي ور چڙھيل آهي، دوائن سميت ڪابه سهولت نه هجڻ سبب عوام پريشان آهي، جڏھن ته سڪرنڊ قومي شاهراھه تي هئڻ ڪري روڊ حادثن جي زخمين کي تعلقه اسپتال آندو وڃي ٿو پر علاج جون سهولتون نه هئڻ ڪري اڪثر زخمي زندگي جي بازي هارائي ويهن ٿا. هن چيو ته تعلقه اسپتال سڪرنڊ ۾ دوائن ۽ عملي جي کوٽ پوري ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button