سنڌ

اٽو 95 رپيا ڪلو وڪري کي يقيني بڻايو وڃي:وڏو وزير

سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه جنيوا ۾ ڊونرز ڪانفرنس ۾ شرڪت کانپوءِ ڪالهه اربع ڏينهن وطن واپس پهتو ۽ اٽي جي قيمتن تي ضابطو آڻڻ بابت هن خوراڪ کاتي کي هدايت ڪئي ته هو اوپن مارڪيٽ ۾ اٽي جو اگهه 95 رپيا في ڪلو ۽ رعايتي اٽي جو اگهه 65 رپيا في ڪلو تائين يقيني بڻائي. اجلاس ۾ خوراڪ واري صوبائي وزير مڪيش چاولا، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري فياض جتوئي، فوڊ سيڪريٽري خرم شهزاد ۽ ڊائريڪٽر فوڊ امتياز شيخ شرڪت ڪئي. خوراڪ واري وزير مڪيش ڪمار چاولا وڏي وزير کي ٻڌايو ته سندس کاتو روزانو 8000 کان 12000 ٽن ڪڻڪ جاري ڪري رهيو آهي ۽ فيبروري جي آخر تائين صوبي جي ڪڻڪ جي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ ڪڻڪ جو اسٽاڪ موجود آهي. وڏي وزير چيو ته جيڪڏهن خوراڪ کاتو وافر مقدار ۾ ڪڻڪ جاري ڪري رهيو آهي ته قيمت ڪنٽرول ۾ ڇونه پئي ٿئي؟ وڏي وزير خوراڪ کاتي کي واضع طور تي هدايت ڪئي ته اٽي جي قيمتن تي ڪنٽرول ڪري ان جو اگهه اوپن مارڪيٽ ۾ 95 رپيا في ڪلو مقرر ڪيو وڃي، جڏهن ته سبسڊي واري اٽي جي فراهمي 65 رپيا في ڪلو جاري رکي وڃي. خوراڪ واري وزير صوبي ۾ موجود اسٽاڪ جا تفصيل ڏيندي چيو ته 618569 ٽن کان وڌيڪ ڪڻڪ موجود آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسٽاڪ فيبروري جي آخر تائين صوبي جي ضرورت کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي ۽ مارچ جي پهرين هفتي کان مارڪيٽ ۾ نئين ڪڻڪ اچڻ شروع ٿي ويندي ۽ اگهه پاڻمرادو هيٺ اچي ويندا. وڏي وزير چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته ضلعي انتظاميا کي وڌيڪ متحرڪ ڪيو وڃي ته جيئن نه رڳو اٽي پر ٻين کاڌي پيتي جي شين جهڙوڪ ڀاڄين، ميون، ڪڪڙ، وڏي ۽ ننڍي گوشت، بيضن ۽ دالين جي اگهن کي ڪنٽرول ڪري سگهجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button