سنڌ

سنڌ جي پنج هزار بند اسڪولن کي ايلمينٽري ۾ تبديل ڪرڻ جو فيصلو

سنڌ جي پنج هزار بند اسڪولن جا سيمي ڪوڊ سان نوان اپ گريڊ ايليمينٽري اسڪول کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. تفصيل موجب سنڌ جي تعليم کاتي وڏو قدم کڻندي صوبي ۾ بند پيل 5 هزار اسڪولن کي ان جي سيمي ڪوڊ سان نوان اپ گريڊ ايليمينٽري اسڪول ۾ تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. صوبائي وزير سردار شاهه ٻڌايو ته اسڪولن جي اپ گريڊيشن مرحلي وار ڪئي ويندي ۽ ان لاءِ مناسب ترين علائقن جي چونڊ ڪئي ويندي. هن ٻڌايو ته هي نوان اسڪول پرائمري جي 35 هزار ٻارڙن کي ايليمينٽري اسڪولن ۾ داخلائن لاءِ ٺاهيا ويندا، ڇو ته پرائمري جي 35 هزار شاگردن لاءِ فقط 3 هزار ايليمينٽري اسڪول هئا. سردار شاهه چيو ته اهو ڪيئن ممڪن آهي ته پرائمري جي 35 هزار شاگردن کي 3 هزار ايليمينٽري اسڪولن ۾ داخلا ڏني وڃي، ان لاءِ بند پيل اسڪولن جي سيمي ڪوڊ سان نوان اسڪول کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button