سنڌ

آصفا ڀٽو سان گرلز باڪسنگ ۽ جمناسٽڪ چيئمينز جي ملاقات

آصفا ڀٽو زرداري ڪراچي سان تعلق رکندڙ باڪسنگ چئمپين ۽ جمانسٽڪ چيئمپين رانديگرن سان بلاول هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ان سان گڏ پي پي ڏکڻ جو صدر خليل هوت، سنڌ باڪسنگ جو صدر اصغر بلوچ، سيڪريٽري عبدالرزاق ۽ ٻيا ماڻهو به موجود هئا. ملاقات دوران گولڊ مڊلسٽ گرلس باڪسر ماريه بلوچ، گل جبين ملنگ، مهرين بلوچ، ساراه ملنگ، صدف ۽ جمناسٽڪ چئمين آمنه ۽ شاجهان قومي سطح تي پنهنجي ڪاميابين جي حوالي سان آصفه ڀٽو کي بريفنگ ڏني ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته حڪومتي سطح تي نه رڳو اسان جا حوصلا وڌايا وڃن پر هر اها سهولت ڏني وڃي، جنهن جي اسان کي ضرورت آهي ته جيئن اسان قومي ۽ صوبائي سطح سان گڏوگڏ انٽرنيشنل سطح تي پاڪستان جو نالو روشن ڪري سگهون. آصفه ڀٽو انهن رانديگرياڻين جي ڪارڪردگي کي ساراهيو ۽ يقين ڏياريو ته سنڌ حڪومت پاران سندن هر سطح تي ڀرپور حوصله وڌايا ويندا ۽ تربيتي پروگرامن ذريعي انهن جي صلاحيتن کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ لاءِ هر ممڪن مدد ڪنداسين. اصغر بلوچ آصفه ڀٽو پاران رانديگرياڻين جي موٽ تي ان جو شڪريو ادا ڪيو، جنهن کان پوءِ جمناسٽڪ رانديگرن آصفه ڀٽو جي سامهون جمانسٽڪ ۾ پنهنجي ڀرپور صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button