اسلام آبادپاڪستانسنڌ

سنڌ حڪومت جو فيصلو رد،مڪاني چونڊون سڀاڻي ئي ٿينديون:اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد :اليڪشن ڪميشن سنڌ حڪومت جو فيصلو رد ڪندي 15 جنوري تي ئي صوبي ۾ مڪاني چونڊن جو ٻيو مرحلو مڪمل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ڪالهه چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ اليڪشن ڪميشن ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊن جي معاملي تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ سنڌ حڪومت جو 15 جنوري تي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊون ملتوي ڪرائڻ جو فيصلو رد ڪيو ويو ۽ چيو ويو ته سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جو ٻيو مرحلو 15 جنوري تي ئي مڪمل ڪيو ويندو. اليڪشن ڪميشن ان سلسلي ۾ گهرو وزارت کي انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنز تي فوج ۽ رينجرز جي مقرري يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. اليڪشن ڪميشن سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي بابت پنهنجي فيصلي جو حڪم نامو به جاري ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ حڪومت جي پڌرائي ايس ايل جي اي قانون جي ڀڃڪڙي آهي. صوبي ۾ ٻئي مرحلي تحت مڪاني چونڊون 15 جنوري تي ئي ٿينديون، چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي سنڌ سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪن. اليڪشن ڪميشن سيڪريٽري ۽ اسپيشل سيڪريٽري کي ڪراچي پهچڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٺٽي ڊويزن ۾ چونڊن جي تياري مڪمل آهي. بيلٽ پيپر ڇپجي چڪا آهن، اسٽاف جي مقرري ٿي چڪي آهي، ڪميشن پولنگ لاءِ تيار آهي. اليڪشن ڪميشن موجب مڪاني قانون ۾ آهي ته شيڊيول جي اعلان کانپوءِ حدون تبديل نه ٿيون ٿي سگهن. پولنگ کان ٻه ڏينهن اڳ مقامي علائقن جو نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ آئين ۽ قانون جي ابتڙ آهي، سروي موجب دادو ۾ صورتحال پولنگ لاءِ سازگار آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button