سنڌ اسيمبلي اڱاري تي پنهنجي اجلاس ۾ پرائيويٽ ميمبرز ڊي جو معمول جو ايجنڊا معطل ڪري مادري زبانن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ جو ٺهراءُ گڏيل طور تي پاس ڪري ورتو. ٺهراءُ پيپلزپارٽي جي هير سوهو ۽ ماروي فصيح پيش ڪيو، ٺهراءُ پيش ڪندي هير اسماعيل سوهو گهر ڪئي ته مادري ٻولين کي نصاب جو لازمي حصو بڻايو وڃي ۽ پاڪستان ۾ ڳالهائي ويندڙ سمورين ٻولين کي قومي زبانون قرار ڏنو وڃي. هن چيو ته ان حوالي سان قومي اسيمبلي ۾ بل موجود آهي، ان بل کي منظور ڪرايو وڃي، هن عالمي زبانن جي ڏينهن جي موقعي تي سنڌي لينگويج اٿارٽي پاران ڪانفرنس ڪرڻ تي ان کي خراج تحسين پيش ڪيو. سندس چوڻ هو ته دنيا ڪيتري به ماڊرن ٿي وڃي، اسان کي فخر آهي ته اسان هڪ اهڙي زبان سان لاڳاپيل آهيون، جيڪا 5 هزار سال پراڻي تهذيب جي نمائندا آهي، اسان کي سنڌي ڳالهائڻ تي هميشه فخر ٿيندو آهي، هن شڪايت ڪئي ته شهر جي اسڪولن ۾ سنڌي زبان نٿي ڳالهائي وڃي، هي زبان رائج ڪئي وڃي. ايم ڪيو ايم جي محمد حسين ڳالهائيندي چيو ته هر شخص کي پنهنجي مادري زبان تي فخر هوندو آهي، ٻار کي پهريون سبق پنهنجي مادري زبان سان ملي ٿو، ماڻهو جهڙي طرح پنهنجي زبان جي عزت چاهين ٿا، اهڙي طرح ٻين جي زبان جي به عزت ڪرڻ گهرجي، اسان جنهن معاشري ۾ رهون ٿا، ان جون زبانون به اچڻ گهرجن. هن چيو ته اسان ٻيون کوڙ ساريون ٻوليون به سکيون آهن، اسان جي صوبي جي سڀ کان وڏي ٻولي سنڌي آهي، اسان اسڪول ۾ ٻوليون پڙهيون ۽ سکيون. جي ڊي اي جي نندڪمار به مادري ٻولي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ٺهراءُ پيش ڪيو، سندس چوڻ هو ته جيڪو به مادري ٻولي ۾ تعليم حاصل ڪري ٿو ان جي ذهانت وڌي وڃي ٿي، ملڪ ۾ جيتريون به ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون، انهن ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏنو وڃي. سنڌ ٻولي ۾ گهڻي مٺاس آهي، پيپلزپارٽي جي ماروي فصيح جو چوڻ هو ته اسان جي سنڌي ٻولي 5 هزار سال پراڻي آهي، اسان کي پنهنجي مادري ٻولي تي فخر آهي، اسان جي پاڙيسري ملڪ ۾ ڪيترن ئي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو ويو آهي. هن ٻڌيو ته منهنجي پٽ اردو ٻولي ۾ ٽاپ ڪيو آهي. پي ٽي آئي جي سنجي گنگواني گهر ڪئي ته قومي اسيمبلي ۾ جيڪو بل موجود آهي، ان کي منظور ڪيو وڃي. پيپلزپارٽي جي ڪلثوم چانڊيو چيو ته اسان جا ٻار جڏهن اسڪول وڃن ٿا ته انهن کي استاد سنڌي ٻولي پڙهائڻ کان قاصر آهن، اسان کي فخر آهي ته اسان سنڌي آهيون. ايم ايم اي جي ميمبر سيد عبدالرشيد ٺهراءُ تي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته دنيا جي ترقي ڏٺي وڃي، ان جي خواندگي شرح کي ڏٺو وڃي ته اها مادري زبان تي آهي، هن چيو ته هن وقت پاڪستان ۾ 52 کان وڌيڪ ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون، سنڌ اهڙو صوبو آهي. جتي سڄو پاڪستان رهي ٿو سنڌ اسيمبلي ۾ رڳو ٽن ٻولين تي اسيمبلي جو بزنس اچي ٿو. هن چيو ته اسان جي قانونن ۾ اردو کي سرڪاري ٻولي بڻجڻو هو پر بدقسمتي آهي اڄ 75 سالن کان پوءِ به سرڪاري ٻولي اردو ناهي بڻائي. هن گهر ڪئي ته پروفيشنل تعليم کي به اردو سنڌي ۾ رائج ڪيو وڃي. صوبائي وزير اسماعيل راهو پنهنجي تقرير ۾ چيو ته ٻوليون سب پياريون ٿينديون آهن جيڪڏهن اسان کي سنڌ سان محبت آهي ته اسان کي ٻيو ٻوليون به سکڻ گهرجن، هر ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو هجڻ گهرجي. پاڪستان ۾ هن وقت 60 ٻوليون آهن، ڪافي ٻولين جو اڄ وجود نه آهي، اڄ دنيا بنگلاديش جي ٻولي کي تسليم ڪيو، اسان ان کي تسليم نه ڪيو هو، جيڪڏهن اسان 1952 ۾ ان جي قومي ٻولي تسليم ڪريون ها ته اڄ اسان جو حصو هجي ها. هن چيو ته قومي اسيمبلي ۾ جيڪو بل موجود آهي، ان ۾ ٻين پارٽين دلچسپي نه ورتي. هن بل جي منظور ٿيڻ سان ٻين ٻولين جو درجو گهٽ نه ٿيندو، سموريون ٻوليون اسان جون آهن. تعليم واري صوبائي زوير سردار شاهه پنهنجي خطاب ۾ چيو ته بنگلاديش جي ٻولي کي تسليم نه ڪيو ويو، شاگردن ان تي احتجاج ڪيو، ڍاڪا ۾ ان تي پوليس گردي ڪئي وئي. هتان بنياد پيو. بنگلاديش جي الڳ ٿيڻ جو، سنڌ اسيمبلي صوبي جي ماڻهن جي نمائندا آهي، 1857 ۾ ڪمشنر ليٽر ڪڍيو ته سڀ ڪلرڪ سنڌي جو امتحان پاس ڪن، جيڪو سنڌي جو امتحان پاس نه ڪندو هو ان کي پوسٽنگ نه ملندي هئي. هن چيو ته چئن صوبن جون چار ٻوليون آهن، انهن کي قومي ٻولين جو درجو ڏنو وڃي. سردار شاهه ٻڌايو ته ڀارت ۾ 26 ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏنو ويو آهي، سنڌي اردو، اسڪولن ۾ لازمي طور تي پڙهائي ويندي. تعليم واري وزير چيو ته 15 هزار خانگي اسڪول رجسٽرڊ آهن. سنڌي اردو لينگويج سينٽر قائم ڪري رهيا آهيون، اڄ جيڪا به زبان موجود آهي ان جي عزت ڪئي وڃي، رياست بنگلاديش مان سبق سکي. اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ڳالهائيندي چيو ته 72 ۾ ايوان ۾ قانون پيش ڪيو ته سنڌي ٻولي کي ترجيح ڏني وڃي پر ذوالفقارعلي ڀٽو کان نه پڇيو، ٻئي ڏينهن اخبارن ۾ خبر آئي ته اردو ڪا جنازه هي زرا ڌوم سي نڪلي، وڳوڙ ٿيا ته ڀٽو اسان کي طلب ڪيو ته هي ٺهراءُ ڇو منظور ڪرايو، جنهن تي مان کيس ٻڌايو ته سنڌي 5 هزار سال پراڻي ٻولي آهي، ڀٽو سان ويٺل ماڻهن مون تي به تنقيد ڪئي پر مان پنهنجي موقف تي ڄمي بيٺس. هن چيو ته اردو کي پيپلزپارٽي سڄي پاڪستان ۾ متعارف ڪرايو، ان وقت جي قانون واري وزير چيو ته اسان کي غلط فهمي ٿي هئي، ماڻهن اسان کي غلط بريف ڪيو هو، ان کان پوءِ هن اخبار جو ايڊيٽر ڀٽو صاحب وٽ ويو، چيو ته هي غلطي سان ٿيو آهي، هي ٺهراءُ جذباتي نه پر حقيقت تي ٻڌل آهي، ٺهراءُ کي گڏيل طور تي پاس ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ سنڌ اسيمبلي جو اجلاس جمعي جي صبح 10 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close