زراعت ۽ ڪاروبارسنڌ

ڳاڙهي ۾ سامونڊي ويرن ڳوٺن کي برباد ڪري ڇڏيو،فصل تباهه، لڏپلاڻ شروع

ڳاڙهي ڀرسان يونين ڪائونسل محل ۾ سامونڊي ويرن تباهي مچائي ڇڏي آهي، ڪيترائي ڳوٺن ۽ سوين ايڪڙن تي بيٺل زرعي فصل سمنڊ جي کاري پاڻيءَ هيٺ اچي ويا، رهواسين پنهنجي مدد پاڻ تحت لڏپلاڻ شروع ڪري ڇڏي، جنهن ڪري سوين خاندان دربدر ٿي ويا آهن. تفصيل موجب يوسي محل جي ڳوٺن محمد علي شولاڻي، صديق شولاڻي، سليمان شولاڻي، الهڏنو شولاڻي، محمد ماڇي، امين جت، جمن شولاڻي، مير محمد جت ۽ ٻين ڳوٺن ۾ 2 کان 3 فوٽ پاڻي بيٺل آهي، جڏهن ته سوين ايڪڙن تي بيٺل ڪڻڪ، وونئڻ ۽ ٻين زرعي فصلن ۾ سمنڊ جو پاڻي بيهجي ويو آهي، سامونڊي ڪنارن تي ورهين کان آباد ديھه محل جي ڳوٺن ۽ زرعي زمين کي سمنڊ کان بچا لاءِ ڏنل بچا بند ڪچا هجڻ سبب هنڌا هنڌن گهارا پيل آهن، جنهن سبب چانڊوڪي جوار ۾ هر مهيني متاثر ٿين ٿا ۽ سوين خاندانن لڏپلاڻ تي مجبور ٿيو وڃن پر ڪوسٽل اٿارٽي ۽ ٻيا لاڳاپيل سرڪاري کاتا بچا بندن جو ڪم ڪرائڻ لا تيار نه آهن. ٻئي طرف مقامي ڳوٺاڻن احمد شولاڻي، نبي بخش شولاڻي، منصور شولاڻي ۽ ٻين چيو ته ڳوٺن کي ڏنل بچا بندن جو ڪم نه ڪرائڻ سبب هر مهيني جي چانڊوڪي جوار ۾ سمنڊ سبب متاثر ٿيون ٿا، هينئر ته اسان لڏپلاڻ شروع ڪري ڇڏي آهي، اسان جا سوين ايڪڙن تي بيٺل زرعي فصل پڻ تباهه ٿي ويا ۽ لکين رپين جو نقصان پهتو آهي. هنن چيو ته مقامي قبرستان ۾ به پاڻي داخل ٿي ويو آهي، اسان ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو ۽ ٻين واسطيدار ادارن کان مدد جي اپيل ڪريون ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button