اسلام آبادپاڪستان

ڇا پنجاب ۽ پختونخوا اسيمبليون آئيني طور ٽوڙيون ويون:سپريم ڪورٽ

اسلام آباد :سپريم ڪورٽ ۾ پنجاب ۽ پختونخوا چونڊن جي حوالي سان پاڻمرادي نوٽيس جي شنوائي ۾ عدالت رمارڪس ڏنا ته اسان آئين جي ڀڃڪڙي برادشت نه ڪنداسين ۽ چاهيون ٿا ته چونڊون پنهنجي وقت تي ٿين. ڇا پنجاب ۽ پختونخوا اسيمبليون آئيني طور ٽوڙيون ويون آهن؟ سپريم ڪورٽ طرفان پنجاب ۽ ڪي پي ۾ عام چونڊن بابت پاڻمرادو نوٽيس ۾ صدر، وفاقي سرڪار، اليڪشن ڪميشن، پنجاب ۽ ڪي پي جي گورنرن توڙي ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. جسٽس قادر مندوخيل ۽ جسٽس اطهر من الله پاڻمرادو نوٽيس تي اعتراض واريا. چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 9 رڪني لارجر بئنچ پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي شنوائي ڪئي. لارجر بئنچ ۾ جسٽس اعجاز الاحسن، منصور علي شاهه، جسٽس منيب اختر، جسٽس يحييٰ آفريدي جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي، جسٽس جمال خان مندوخيل، جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس اطهر من الله شامل آهن. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا آهن ته نمائندا پنجن ورهين لاءِ چونڊجن ٿا ته ڪنهن شخص جي هدايت تي اسيمبلي ڪيئن ٽوڙي سگهجي ٿي؟ اسيمبليون ٽٽڻ بعد چونڊن جي تاريخ جو اختيار وضاحت جو گهرجائو آهي، حالتون انتهائي سنگين هجن ته چونڊن جو وقت وڌائي سگهجي ٿو. سپريم ڪورٽ آئين جي ڀڃڪڙي برداشت نه ڪندي. سپريم ڪورٽ پاڻمرادي نوٽيس ۾ ٽي سوال اُٿاريا آهن، پهريون سوال اسيمبلي ٽٽڻ تي اليڪشن جي تاريخ ڏيڻ ڪنهن جي ذميواري آهي؟ ٻيو سوال چونڊن جي تاريخ ڏيڻ جو آئيني اختيار ڪڏهن ۽ ڪيئن استعمال ڪرڻو آهي؟ ٽيون سوال اِهو آهي ته عام چونڊن جي حوالي سان وفاق ۽ صوبن جي ڪهڙي ذميواري آهي؟ شنوائي جي شروعات ۾ عدالت چيو ته اسيمبليون ٽوڙڻ بعد چونڊن جي تاريخ ڏيڻ جو اختيار وضاحت جو گهرجائو آهي. سپريم ڪورٽ چيو ته پنجاب ۽ ڪي پي اسيمبيلون 14 ۽ 17 جنوري تي ٽوڙيون ويون، آرٽيڪل 224 ٻه تحت 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻيون پونديون آهن. عدالت چيو ته سپريم ڪورٽ آئين جي ڀڃڪڙي برداشت نه ڪندي، هو چاهن ٿا ته چونڊون آئين موجب ٿين. چيف جسٽس چيو ته عدالت ٽي معاملا ٻڌندي، صدر اليڪشن جي تاريخ جو اعلان ڪيو، آرٽيڪل 224 چوي ٿو ته 90 ڏينهن ۾ چونڊون ٿينديون، سيڪشن 57 تحت صدر چونڊن جو اعلان ڪيو، ڏسڻو آهي ته صوبائي اسيمبليون ٽٽڻ بعد تاريخ ڏيڻ ڪنهن جو اختيار آهي؟ جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته چونڊن جو مسئلو وضاحت جو گهرجائو آهي، وقت جي کوٽ سبب شنوائي ڊگهي نه ٿيندي. چيف جسٽس چيو ته ڪجهه سوال ٻنهي اسيمبلين جي اسپيڪرن پنهنجي درخواستن ۾ شامل ڪيا آهن پر سپريم ڪورٽ رڳو آئيني نقطو ڏسندي. هن چيو ته هو رڳو آئين جي تشريح ۽ ان تي عمل ڪرائڻ لاءِ ويٺا آهن. عدالت چيو ته نوٽيس جاري ڪيا ويندا، معاملي ڊيگهه نه ڏني ويندي نه ئي ڪو مونجهارو ڇڏڻ چاهيون ٿا. ان دوران اٽارني جنرل وقت ڏيڻ جي درخواست ڪئي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته جمعي ڏينهن رڳو ڪجهه ضروري ڳالهن تائين محدود رهنداسين، تفصيلي شنوائي ايندڙ هفتي ڪئي ويندي. جسٽس اطهر من الله چيو ته صوبائي اسيمبلين کي ٽوڙڻ جو به پاڻمرادو نوٽيس ورتو وڃي. جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ڏنا ته آرٽيڪل 224 چوي ٿو ته 90 ڏينهن ۾ چونڊون ٿينديون ۽ وقت تڪڙ ۾ گذري رهيو آهي.هن چيو ته هاءِ ڪورٽ ۾ معاملو شنوائي هيٺ آهي، پر فيصلو نه پيو ٿئي، اسيمبليون ُٽٽي 6 هفتا گذري ويا آهن. عدالت چيو ته اليڪشن ڪرائڻ واري معاملي تي صدر، پنجاب ۽ ڪي پي جي گورنرن کي ٻڌو وڃي. جسٽس منصور علي شاهه سوال اٿاريو ته ڇا اسيمبليون ڪنهن جي ڊڪٽيشن تي ختم ٿي سگهن ٿيون؟ نمائندا پنجن ورهين لاءِ چونڊجي ايندا آهن ته ڪنهن جي هدايت تي اسيمبلي ڪيئن ٽوڙي سگهجي ٿي؟ عدالت، جسٽس اطهر من الله صدر، وفاقي سرڪار، اليڪشن ڪميشن، پنجاب ۽ ڪي پي جي گورنرن کي نوٽيس جاري ڪيا. سپريم ڪورٽ پاڪستان بار جي وائيس چيئرمين، سپريم ڪورٽ بار جي چيئرمين ۽ پي ڊي ايم جي سمورين پارٽين کي نوٽيس ڪندي شنوائي صبح يارهين وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button