اسلام آبادپاڪستان

هي 3/ 184 جو ڪيس ٺهي ئي نٿو، جسٽس جمال مندوخيل پاڻمرادي نوٽيس تي خدشا ظاهر ڪري ڇڏيا

سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس جمال مندوخيل پنجاب ۽ خيبر پختونخوا جي چونڊن ۾ دير ٿيڻ تي ورتل پاڻمرادي نوٽيس تي خدشن جو اظهار ڪري ڇڏيو. ٻن صوبن ۾ اليڪشن جي تاريخ جو اعلان نه ٿيڻ تي سپريم ڪورٽ طرفان ورتل پاڻمرادي نوٽيس جي شنوائي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 9 رڪني لارجر بئنچ ڪئي، جنهن جي ٻين ججن ۾ جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس يحيٰ آفريدي، جسٽس اطهر من الله، جسٽس منيب اختر، جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس جمال خان مندوخيل، جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي شامل آهن. شنوائي دوران جسٽس جمال مندوخيل چيو ته مون کي سوموٽو (پاڻمرادو) نوٽيس بابت ڪجهه خدشا آهن، اسان جي سامهون ٻن اسيمبلين جي اسپيڪرز جون درخواستون آهن، سپريم ڪورٽ طرفان پاڻمرادو نوٽيس جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي جي نوٽ تي ورتو ويو، ڪيس ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر کي به طلب ڪيو ويو، جيڪو ڌر ئي ناهي. جسٽس جمال مندو خيل چيو ته ڪجهه آڊيو سامهون آيا آهن، جن ۾ عابد زبيري ڪجهه ججن جي حوالي سان ڳالهائي رهيو آهي، اهڙين حالتن ۾ منهنجي را مطابق هي 3/ 184 جو ڪيس ٺهي ئي نٿو. عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته وقت جي گهٽتائي سبب ڊگهي شنوائي ڏانهن نه وينداسين، اسان انهن سڀني کي ٻڌنداسين جيڪي هن معاملي بابت ڪجهه به چوڻ چاهين ٿا. چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته جسٽس جمال مندوخيل کي سوموٽو نوٽيس تي ڪجهه تحفظات آهن، سندس خدشن کي نوٽ ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button