پاڪستانخيبرپختونخوا

جيل نه ڀريا، تحريڪ انصاف وارا ٻئي ڏينهن ضمانتن لا عدالت پهچي ويا، پشاور ۾ گرفتاريون پيش

تحريڪ انصاف جي اڳواڻن جو گرفتارين جي ٻئي ڏينهن جوش ٿڌو ٿي ويو، ضمانتن لا لاهور ها ڪورٽ ۾ درخواستون داخل ڪرايون ويون آهن، جيل ڀريو تحريڪ جي ٻئي ڏينهن پشاور ۾ به ڪجهه اڳواڻن ۽ ڪارڪنن گرفتاريون ڏئي ڇڏيون. تفصيل موجب پشاور ۾ تحريڪ انصاف طرفان جيل ڀريو تحريڪ جي ٻئي مرحلي دوران پارٽي اڳواڻن ارباب وسيم حيات، ملڪ واجد الله، فضل الاهي، ارباب وسيم، فضل محمد خان، فضل شڪور ۽ ڪجهه اڳوڻن ايم پي ايز پنهنجي ڪارڪنن سميت گرفتاريون ڏنيون. جيل ڀريو تحريڪ دوران ڪارڪنن جيل جي احاطي ۾ وڃڻ جي ڪوشش دوران هڪٻئي کي ڌڪا ڏنا. پي ٽي آئي ڪارڪنن سينٽرل جيل جو گيٽ کولڻ جي ڪوشش ڪئي، ان دوران پوليس ۽ پي ٽي آئي ڪارڪن دوبدو ٿي پيا، هڪ ٻئي کي ڌڪا ۽ ٿاٻا ڏنا ويا، پوليس پاران لائوڊ اسپيڪر ذريعي اعلان ڪيا ويا ته پوليس وين موجود آهي جيڪو به گرفتاري ڏيڻ چاهي ٿو هليو اچي، پشاور ۾ پي ٽي آئي پاران پهرين گرفتاري اڳوڻي اقليتي اسيمبلي ميمبر وزير زاده ڏني، جڏهن ته اڳوڻو صوبائي اسيمبلي ميمبر روي ڪمار به پوليس وين ۾ ويهي رهيو. هوڏانهن جيل ڀريو تحريڪ تحت گرفتار پي ٽي آءِ اڳواڻن کي لاهور کان ٻئي شهر منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ذريعن موجب شاهه محمود قريشي،اسد عمر سميت ٻين اڳواڻن کي ٻين ضلعن ڏانهن منتقل ڪيو ويو. شاهه محمود قريشي کي ڊسٽرڪٽ جيل اٽڪ، اسد عمر کي راجن پور، ڊاڪٽر مراد راس کي ڊيرا غازي خان، اڳوڻي گورنر عمر سرفراز چيما کي ڀڪر جيل ۽ محمد خان مدني کي بهاولپور جيل ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ليا جيل ۾ 24 ڪارڪن، ڀڪر ۾ 24 ۽ راجن پور ۾ 25 ڪارڪنن کي منتقل ڪرڻ جا اطلاع مليا آهن. جيل ڀريو تحريڪ جي پهرئين ڏينهن گرفتار ڪيل اڳواڻن شاهه محمود قريشي ۽ ٻين جي گهرڀاتين ضمانت لا لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي آهي. زين قريشي طرفان پيءُ شاهه محمود قريشي کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي وئي، جنهن ۾ چيو ويو ته شاهه محمود قريشي سختيءَ واري قيد ۾ رکيو ويو آهي، اهو نٿو ٻڌايو وڃي ته کيس ڪٿي رکيو ويو آهي. اسد عمر، عمر سرفراز چيما، وليد اقبال، اعظم سواتي کانسواءِ ڊاڪٽر مراد راس، جان مدني، اعظم نيازي ۽ احسان ڊوگر جي بازيابي لاءِ به درخواستون داخل ڪيون ويون آهن. پي ٽي آءِ اڳواڻن جي بازيابي جي درخواست اعجاز چوڌري داخل ڪئي آهي، درخواست ۾ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري هوم، آءِ جي ۽ سي سي پي او کي ڌر بڻايو ويو آهي. درخواست ۾ چيو ويو ته آءِ جي ۽ سي سي پي او تحريڪ انصاف جي اڳواڻن کي گرفتار ڪيو آهي، اڳواڻن کي مال روڊ تان پڪڙي پهرين ڪيمپ جيل، پوءِ ڪوٽ لکپت جيل نيو ويو، اڳواڻن کي کاڌو ۽ دوائون به ڏيڻ نه ٿيون ڏنيون وڃن. اعجاز چوڌري طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ چيو ويو ته اڳواڻن کي غير قانوني طور گرفتار ڪيو ويو آهي، شهرت ۽ ذات کي نقصان پهچائڻ لاءِ ڪوڙا ڪيس ٺاهي سگهن ٿا، اڳواڻن ۽ ورڪرن کي گرفتار ڪرڻ جو ڪو به مقصد ناهي، اڳواڻن کي آزاد ڪرائي پوليس کي غيرقانوني قدم کڻڻ کان روڪيو وڃي، لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شهرام سرور درخواست شنوائي لاءِ اڄ جمعي ڏينهن مقرر ڪئي آهي. پوليس تحريڪ انصاف جي جيل ڀريو تحريڪ ۾ پوليس موبائيل تي حملو ۽ ڀڃ ڊاهه ڪرڻ تي دهشتگردي سميت 10 سنگين قلمن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. لاهور پوليس موجب ڪيس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ زبير نيازي ۽ عباد فاروق کي نامزد ڪيو ويو آهي. جڏهن ته 80 نامعلوم ماڻهن جي خلاف دهشتگردي، سرڪاري ڪمن ۾ مداخلت، قلم 144 جي ڀڃڪڙي ۽ روڊ بلاڪ ڪري امن امان خراب ڪرڻ سميت ٻيا قلم لڳايا ويا آهن. پوليس جي مدعيت ۾ داخل ڪيل ڪيس جي جاچ لاءِ موبائل فون ۽ ڪلوز سرڪٽ فوٽيجز جي مدد به ورتي ويندي. ٻئي طرف پي ٽي آءِ اڳواڻ زبير نيازي دهشتگردي جي انت واري عدالت مان عبوري ضمانت ڪرائي ورتي آهي. عدالت 2 مارچ تائين پوليس کي سندس گرفتار کان روڪي ڇڏيو آهي، جڏهن ته پي ٽي آئي جيل ڀريو تحريڪ ۾ گرفتار ٿيندڙ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي لاهور کان منتقل ٿيڻ تي جيلن ٻاهران ڪئمپ لڳائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان حوالي سان فواد چوڌري چيو ته لاهور مان 214 ڪارڪن گرفتار ٿيا پر صرف 81 جي گرفتاري ظاهر ڪئي پئي وڃي باقي گرفتار ڪارڪن بابت نه پيو ٻڌايو وڃي. فواد چوڌري چيو ته جن جيلن ۾ اڳواڻ ۽ ڪارڪن هوندا اتي مقامي تنظيمون ڪئمپ لڳائينديون ۽ ڪارڪن انهن سمورن جيلن ٻاهران احتجاج ڪندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button