اسلام آبادپاڪستان

وڏن ڪاروباري گروپن ڪيئي سئو اربن جا قرض معاف ڪرايا:وزيراعظم

اسلام آباد:وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته نوجوانن کي ڪاروبار جا موقعا ڏيڻ لاءِ قرض ڏنو پيو وڃي. ماضي ۾ اربين رپين جا قرض معاف ڪرايا ويا،جنهن سان ملڪي معيشت کي نقصان پهتو. نوجوانن جي ابتڙ وڏن ڪاروباري گروپن ڪيئي سئو اربن جا قرض معاف ڪرايا. پي ايم يوٿ لون جي حوالي سان چيڪ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته اسڪيم جي شروعات پنجاب کان ڪئي وئي آهي. هارين جي قرضن جي اسڪيم ۽ ٻين اهڙي پروگرامن جي اوڳاڙي نوانوي سيڪڙو رهي آهي. شهباز شريف چيو ته اسان جا نوجوان، پٽ، ڌيئرون ايمانداري سان قرض واپس ڪن ٿا، نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون قرض معاف نٿا ڪرائين جڏهن ته وڏا ڪاروباري ماڻهو قرض معاف ڪرائيندا آهن.هن چيو ته اهو هڪ غلط تاثر هو ته ماڻهن کي بئنڪون قرض ڏينديون ته اهي ريڪور نه ٿي سگهندا، آبادگارن، نوجوانن جي قرضن جي اسڪيم ۽ ٻيا اهڙا پروگرام جن تحت قرض ورهايا ويا 99 سيڪڙو وصولي رهي. ماضي ۾ اربين رپين جا قرض معاف ڪرايا ويا جنهن سان ملڪي معيشت کي نقصان پهتو. هن چيو ته نوجوانن ۾ ملڪ سان تمام گهڻي محبت آهي، جيڪڏهن انهن کي موقعا فراهم ڪيا وڃن ته انهن جي صلاحيتن مان ڀرپور فائدو کڻي سگهجي ٿو. هن چيو ته شزه فاطمه خواجه، ان جي ٽيم، ناڻي واري وزير اسحاق ڊار ۽ سندس ٽيم، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر، پنجاب بئنڪ جي صدر، حبيب بئنڪ سميت ٻين بئنڪن جو هن پروگرام کي ڪامياب بڻائڻ جي لاءِ تعاون تي ٿورائتو آهيان. هن چيو ته ملڪ کي درپيش معاشي صورتحال جي ڏس ۾ حڪومت ڪفايت شعاري پروگرام شروع ڪيو آهي، ان پروگرام سان 200 ارب رپين جي بچت ٿيندي، خرچ گهٽ ڪنداسين ۽ نوجوانن جي لاءِ فنڊز جي فراهمي يقيني بڻائينداسين. هن چيو ته يوٿ لون اسڪيم تحت سڄي ملڪ جي قابل ۽ مستحق نوجوانن ۾ هڪ لک ليپ ٽاپ ميرٽ تي ورهايا ويندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button