اسلام آبادپاڪستان

وزيراعظم سان آصف زرداري ۽ ڪامران ٽيسوري جي ملاقات

اسلام آباد :وزيراعظم شهباز شريف سان اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ملاقات ڪئي. ڪالهه وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز جي صدر آصف علي زرداري جي وزيراعظم هائوس اچڻ تي وزيراعظم شهباز شريف سندس استقبال ڪيو. آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم جي ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال ۽ عوامي ڀلائي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هوڏانهن وزيراعظم سان سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري به ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ ملڪي خاص طور تي سنڌ صوبي جي مجموعي سياسي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button