اسلام آبادپاڪستان

بلين ٽري سونامي منصوبي ۾ 6 ارب جون غيرقانوني ڪيش ادائيگيون

اسلام آباد : تحريڪ انصاف جي حڪومتي دور ۾ شروع ڪيل بلين ٽري سونامي منصوبي ۾ قانون خلاف ادائيگين جو انڪشاف ٿيو آهي. تفصيل مطابق پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين نورعالم خان جي صدارت ۾ ٿيو. نيب عملدارن اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته بلين ٽري سونامي منصوبي ۾ 6 ارب جون ڪيش ادائيگيون ڪيون ويون، ڪنهن کي سرڪاري رقم ڪيش ۾ ادا نٿي ڪري سگهجي. هي ڪرپشن آهي جنهن کي ادائيگي ڪئي وئي. ان جو سڃاڻپ ڪارڊ به دستياب نه آهي. جڏهن ته ڪيش ادائيگي جي ڪجهه دستاويزن تي هڪ ئي شخص جا آڱوٺا آهن. پي اي سي چيئرمين نورعالم خان چيو ته 6 ارب رپيا سڌي ڪيش ادائيگي ملڪ سان زيادتي آهي. بلين ٽري سونامي جي ڪجهه رقم حوالي جي ذريعي به ڏني وئي. هن ڪيس ۾ گرفتاري ٿيڻ گهرجي ته جيئن جوابدار ملڪ مان ڀڄي نه وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button