اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

وياج جي بنيادي شرح 17 مان وڌائي 19 سيڪڙو ڪئي وڃي:آئي ايم ايف

اسلام آباد:آءِ ايم ايف مانيٽري پاليسي ۾ سختي ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. ان ڏس ۾ پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ گذريل ڏينهن ورچوئل گڏجاڻي ٿي جنهن کانپوءِ پاڪستان جون اسٽاف ليول معاهدي جي پڄاڻي لاءِ ڪوششون تيز ٿي ويون. ذريعن ٻڌايو آهي ته آءِ ايم ايف سخت مانيٽري پاليسي جو مطالبو ڪيو آهي، مانيٽري پاليسي سخت ڪرڻ جي ڪري وياج وڌڻ جو به خدشو آهي. اسٽيٽ بينڪ جي بنيادي وياج جي سطح سترنهن سيڪڙو آهي، وياج جي سطح ۾ وڌيڪ ٻه سيڪڙو واڌ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. ذريعن ٻڌايو ته اسٽيٽ بينڪ بنيادي وياج واري سطح کان 2 ڏهائي 9 سيڪڙو وڌيڪ وياج تي ٽي بلز وڪرو ڪيا وڃن. آءِ ايم ايف جو مهانگائي جي حساب سان مانيٽري پاليسي ۾ سختي ڪرڻ جو دٻاءُ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button