اسلام آبادپاڪستان

وزيراعظم جا پاڻمرادو نوٽيس بئنچ تي خدشا،اتحادين سان مشاورت جو فيصلو

اسلام آباد :وزيراعظم شهبازشريف سپريم ڪورٽ جي پاڻمرادو نوٽيس تي جوڙيل بئنچ تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي. ذريعن موجب خميس تي وزيراعظم شهبازشريف جي صدارت هيٺ پارٽي اڳواڻن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سپريم ڪورٽ جي پاڻمرادو نوٽيس جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ وزيراعظم صدر کي خط لکڻ بابت پارٽي جي قانوني صلاحڪارن سان مشاورت ڪئي. اجلاس ۾ صدر پاران چوندن جي تاريخ جي اعلان کي غير آئيني قرار ڏنو ويو. اجلاس ۾ وزيراعظم سپريم ڪورٽ جي پاڻمرادو نوٽيس تي بئنچ جي جوڙجڪ تي اتحادين سان مشاورت جو فيصلو ڪيو ويو. وزيراعظم حڪومتي اتحادي ۽ پي ڊي ايم ۾ شامل پارٽين کي اعتماد ۾ وٺندو. پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ چونڊن جي اهتمام تي به مشاورت ٿيندي. ملڪ جي امن امان بابت اي پي سي جي اهتمام بابت مامرن تي به ڳالهه ٻولهه ٿيندي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته اليڪشن ڪميشن خودمختيار ادارو آهي. چونڊن جي تاريخ جو اعلان اليڪشن ڪميشن جو اختيار آهي. هن چيو ته جيل ڀريو تحريڪ ناڪام ٿي وئي. عوام پي ٽي آئي جي انتشاري سياست رد ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button