اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

هلندڙ سال 14 رپيا في يونٽ تائين اضافي چارجز اوڳاڙڻ جون تياريون

ڪراچي : بجلي جي واهيپيدارن کان هلندڙ سال 14 رپيا 4 پئسا في يونٽ تائين فيول ايڊجسٽمنٽ چارجز وصول ڪيا ويندا. رپورٽ مطابق ملڪ جي بجلي صارفين کان هلندڙ سال مارچ کان آڪٽوبر دوران بلن ۾ اضافي چارجز وصول ڪيا ويندا، جنهن لاءِ توانائي وزارت نيپرا کي گائيڊ لائنز اماڻي ڇڏيون آهن. فيول پرائس ايڊجسٽمنٽ چارجز لاڳو ڪرڻ سرڪلر ڊيٽ مئنجمينٽ پلان جو حصو آهي، جنهن جي اوڳاڙي لاءِ نيپرا کان منظوري ورتي ويندي. پهرين مارچ کان چارجز جي اوڳاڙي شروع ٿيندي، حڪومت پاران 200 يونٽ استعمال ڪندڙ صارف 10 رپيا 34 پسا في يونٽ، 201 کان 300 يونٽ استعمال ڪندڙن کان 8 مهينن ۾ 14 رپيا 24 پئسا آبادگارن کان 8 مهينن ۾ 9 رپيا 90 پئسا في يونٽ تائين سرچارج وصول ڪيو ويندو. ڪراچي جي شهرين کان اٺن مهينن ۾ 13 رپيا 87 پئسا جڏهن ته مارچ کان آڪٽوبر تائين 50 پئسن کان 3 رپيا في يونٽ تائين چارج لاڳو ٿيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button