اسلام آبادپاڪستان

جسٽس مظاهر نقوي خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس داخل

اسلام آباد :سپريم ڪورٽ جي جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس داخل ڪيو ويو آهي. جڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس انفرادي طور تي ايڊووڪيٽ ميان دائود جمع ڪرايو، جنهن ۾ سپريم ڪورٽ جي جج تي بدانتظامي ۽ ناجائز اثاثا ٺاهڻ جو الزام لڳايو ويو آهي. سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ ايڊووڪيٽ ميان دائود طرفان داخل ڪرايل ريفرنس ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته جسٽس مظاهر نقوي بدانتظامي ڪئي، غير قانوني اثاثا ٺاهيا ۽ فرنٽ مين ذريعي غير قانوني دولت گڏ ڪئي. ريفرنس ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته جسٽس مظاهر نقوي جي اثاثن ۾ گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ 3 ارب رپين جو اضافو ٿيو آهي. جسٽس مظهر علي اڪبر نقوي جي غير قانوني اثاثن، آڊيو ليڪ جهڙن معاملن جي جاچ ٿيڻ گهرجي. ان کان اڳ پاڪستان بار ڪائونسل جي سربراهي ۾ سمورين بار ڪائونسلن آڊيو ليڪس واري معاملي تي جسٽس مظاهر نقوي خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو. پاڪستان بار ڪائونسل جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي چيئرمين حسن رضا پاشا ٻڌايو هو ته جيڪڏهن آڊيو جعلي آهي ته ڪردار منظر عام تي آڻين، پر آڊيو ليڪ سچو هجي ته ملوث ڪردارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، پر نه سپريم ڪورٽ ڪو جواب ڏنو ۽ نه ئي رجسٽرار آفيس ڪا راءِ ڏني.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button