پاڪستانسنڌ

سردارن جون فورسز ٺهيل آهن، ٻه چار سردار گرفتار ٿين ته ڏوهاري هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيندا: ها ڪورٽ

سکر: سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال بابت ڪيس جي شنوائي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس عبدالمبين لاکو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ڪئي. عدالت ۾ سيڪريٽري گھرو کاتو سنڌ سعيد مڱڻيجو، ايس ايس پي گھوٽڪي تنوير تنيو، ايس ايس پي سکر سنگھار ملڪ سميت مختلف عملدار عدالت ۾ پيش ٿيا. تازي صورتحال جي حوالي سان ايپڪس ڪاميٽي پڻ تفصيلي رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پوليس کي جديد هٿيار نه ٿا ڏئي سگهون، پوليس تي اعتبار نه آهي، اسلحي جو غلط استعمال ٿي سگهي ٿو، سرداري نظام ڏوهارين جي پٺڀرائي ڪري رهيو آهي، جنهن تي جسٽس صلاح الدين پنهور ريمارڪس ڏيندي چيو ته هر ضلعي جي ٻه چار سردارن کي گرفتار ڪيو وڃي ته ڏوهاري پاڻ ئي هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيندا، ٻڌايو ته ڪيترن ڏوهارين جو چونڊيل نمائندن سان رابطو آهي؟ ان علائقي يا ضلعي جي سردارن کي جيل ۾ وجهو ته سڀ ڏوهاري پاڻ ئي گرفتاري پيش ڪري ڇڏيندا، هي سنڌ آهي جتي سردارن جون پنهنجون فورسز ٺهيل آهن. گهرو کاتي سنڌ جي سڪريٽري سعيد مڱڻيجو عدالت کي ٻڌايو ته پوليس کي 106 ارب روپين جو بجيٽ ڏنو آهي، جنهن ۾ سي ٽي ڊي کي 3 ارب ۽ اسپيشل برانچ کي 1 ارب روپيا ڏنا آهن، جنهن تي عدالت چيو ته اسان کي حساس پوائنٽ ٻڌايو. اسان سنڌ حڪومت کي هدايت ڪنداسين ته رينجرز کي هتي مقرر ڪيو وڃي، جيستائين ڏوهارين جي سهولتڪارن خلاف ڪارروائي نه ٿيندي تيستائين امن نه ٿيندو، امن امان جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ اسان آءِ جي ۽ وفاق جي نمائندن کي به گهرائينداسين، سنڌ جي امن لاءِ وزيراعليٰ سنڌ ۽ وزيراعظم کي به گهرائي سگهجي ٿو. سرڪاري وڪيل زاهد مزاري عدالت کي چيو ته رينجرز جي موجودگيءَ ۾ ٻوري بند لاش ملندا هئا، نواز شريف ايڪشن ورتو پوءِ ڪراچي سميت سنڌ ۾ امن بحال ٿي ويو. اسسٽنٽ ايڊوڪيٽ جنرل عدالت کي چيو ته سردار، وڏيرا يا چونڊيل نمائندا نه پر انهن جا منشي ۽ مينيجر ڏوهارين سان رابطو رکندا آهن، ڏوهارين خلاف فوج، پوليس ۽ رينجرز جو گڏيل آپريشن ڪيو وڃي، جڏهن پوليس کي جديد هٿيار نه ٿا ڏنا وڃن ته پوءِ فرنٽ فورس طور تي پوليس ڇو وڙهي، جنهن تي جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته سنڌ ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن ۾ آءِ ايس آءِ کي شامل ڇو نه ڪيو ويندو آهي، سياسي واسطا ڏسڻ بغير ڏوهارين ۽ ان جي سهولتڪار سردارن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي. ايس ايس پي گهوٽڪي تنوير تنيو عدالت کي ٻڌايو ته اغوا بعد تشدد ۽ جنسي زيادتي جون وڊيوز ٺاهيون وڃن ٿيون، عورتن کي اغوا ڪري انهن سان زيادتي ڪئي وڃي ٿي، جيڪڏهن مون کي جديد ھٿيار ڏنا وڃن ته 6 مھينن ۾ ڌاڙيلن کي ختم ڪري ڇڏيندس يا استعيفا ڏئي ھليو ويندس. عدالت پوليس آفيسرن جي رپورٽن تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي آءِ جي سنڌ، گهرو کاتي سنڌ جي سيڪريٽري ۽ وفاقي گهرو سيڪريٽري کي ٻه مارچ تي طلب ڪري ورتو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button