پاڪستانسنڌ

جرمني جي وفد جو ڀٽ شاهه جو دورو، مزار تي چادر چاڙهي

ڀٽ شاهه: جرمني جو سفير جرنانس پنهنجي وفد ويگنر ۽ جولي سان گڏجي ڀٽ شاهه پهتو، جتي هنن شاھه عبداللطيف ڀٽائي جي مزار تي چادر چاڙهي حاضري ڀري. ان موقعي تي ثقافت کاتي جو ڊائريڪٽر شير محمد مهر، ڊپٽي ڊائريڪٽر رحمت الله راڄڙ ۽ غلام مجتبيٰ جوکيو، اوقاف کاتي جو اسسٽنٽ مئنيجر عبدالستار سولنگي ۽ ٻيا به گڏ هئا. جرمني جي سفير جرناس ۽ ٻين ڀٽائي جي مزار تي حاضري بعد شاھه جو راڳ به ٻڌو ۽ درگاھه جي مختلف حصن جو دورو ڪيو. اوقاف ۽ ثقافت کاتي جي عملدارن درگاهه ۽ شاہه جي راڳ بابت بريفنگ ڏني. جرمني جي سفير جي آمد دوران درگاھه ڀٽائي تي سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button