سنڌ

ڪراچي ۾ آدمشماري عملي ڊيوٽين جو بائڪاٽ ڪري ڇڏيو،ڌرڻو

ڪراچي ۾ آدمشماري عملي ڊپٽي ڪمشنر ملير جي ڪئمپ آفيس آڏو سيڪيورٽي ۽ ناقص سهولتن خلاف احتجاج ڪندي ڊيوٽي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. سڄي ملڪ وانگر ڪراچي ۾ به ڊجيٽل آدمشماري جو عمل جاري آهي پر آدمشماري ۾ ڊيٽا گڏ ڪرڻ جا فرض سرانجام ڏيندڙ استاد سراپا احتجاج آهن. استادن سيڪيورٽي ۽ ناقص سهولتن سبب استادن آدمشماري لاءِ ڊيوٽي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. استادن شڪايت ڪئي ته ڊيوٽي الائونس ۽ سيڪيورٽي نه ڏني پئي وڃي، جڏهن ته ٽرانسپورٽ به فراهم نه پئي ڪئي وڃي. آدمشماري عملي جو چوڻ آهي ته هو روزانو ڪرايو پنهنجي کيسي مان ادا ڪري ڊيوٽي ادا ڪري رهيا آهن ۽ مناسب سيڪيورٽي فراهم نه ڪري رهيا آهن. استادن مطالبو ڪيو آهي ته جيستائين آدمشماري ۾ ڊيوٽي ڪرڻ جا بنيادي ضرورتون پوريون نه ڪيون وينديون، تيستائين ڊيوٽي نه ڪندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button