پاڪستانسنڌ

قلندر لعل ميلي جي ڌمالن ۽ دمادم مست قلندر جي صدائن سان پڄاڻي

سيوھڻ: سنڌڙي جي لال شھباز قلندر رحه جو 771 ھون ساليانو 3 ڏينهن وارو عرس مبارڪ دما دم مست قلندر جي صدائن سان پڄاڻي تي پهتو. ميلي جي آخري ڌمال تي پانڌيئڙن ۾ جوش ۽ جذبو ڏسڻ وٽان مليو. ان سلسلي ۾ سنڌڙي جي جڳ مشهور عظيم صوفي بزرگ حضرت سخي لعل شھباز قلندر جو 771 ھون سالياني عرس مبارڪ واريون تقريبون پڄاڻي تي پھتيون. جڏھن ته قلندر جي ميلي جي آخري ڌمال تي به عوام جو جوش ۽ جذبو ڏسڻ وٽان ھو. عقيدتمند جلوس ڪڍي قلندري ڌمالون ھڻي وجداني ڪيفيت ۾ رقص ڪندي قلندر جي مزار تي عقيدت جو اظھار ڪرڻ ۾ مصروف رھيا. پنجاب ۽ سنڌ جي مختلف ضلعن کان آيل لکين زائرين درگاهھ قلندر جي مزار تي حاضري ڏيڻ بعد واپس پنھنجي ماڳن طرف روانو ٿيڻ وقت آکين مان لڙڪ لاڙي ويٺا. ھنن عقيدتمندي جو اظھار ڪندي چيو ته زندگي رھي ته ايندڙ سال وري ميلي تي اينداسين. لعل شھباز قلندر جي ميلي ۾ ٽي ڏينهن ايئن گذري ويا جو خبر ئي پئجي نه سگھي، پر جڏھن اڄ واپس پنھنجي گھر طرف پيا ٿيون ته دل چوي ٿي ته ھميشھ قلندر تي رھجي وڃجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button