پاڪستانسنڌ

مٺي لڳ 10 پورهيتن جي گهرن کي باهه، سمورو سامان سڙي رک

مٺي: مٺي ڀرسان ڳوٺ مٺڙيو ڀٽي ۾ اوچتو باهه لڳڻ سبب ميگهواڙ برادري جي 10 پورهيتن جي 20 ڪچا پڪا گهر سڙي رک ٿي ويا. مٺي ويجهو ڳوٺ مٺڙيون ڀٽي ۾ ميگهواڙ برادري جي هڪ گهر کي اوچتو باهه لڳي، اطلاع باوجود فائربرگيڊ عملو نه پهتو، جنهن دوران باهه سڄي پاڙي کي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو، جنهن سبب ننگارام ميگهواڙ، ڀلو ميگهواڙ، ملوڪو ميگهواڙ، ويرسو ميگهواڙ ۽ پارو ميگهواڙ سميت 10 پورهيتن جا 20 ڪچا پڪا گهر سڙي رک ٿي ويا، گهرن ۾ پيل نياڻين جو ڏاج، اناج، زيور، هنڌ بسترا ۽ ٻيو سامان رک ٿي ويو. گهر سڙڻ جي ڪجهه دير بعد فائربرگيڊ عملو پهتو، جنهن ڳوٺاڻن سان گڏ باهه تي ضابطو آندو. گهر سڙڻ بعد متاثر پورهيت ٻارن ۽ عورتن سميت کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن، جن سنڌ سرڪار ۽ ضلعي انتظاميا کان گهر ڪئي ته اسان کي گهر ٺهرائي ڏئي مالي مدد ڪئي وڃي. ٻئي پاسي رابطو ڪرڻ تي ڊي سي ٿرپارڪر لعل ڏنو منگي ٻڌايو ته باهه قدرتي آفت آھي، باهه تي ضابطو آندو ويو آهي، متاثرن جي واهر ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button