پاڪستانسنڌ

عمرساند ۾ پوليس جون ڪارروايون، 3 منشيات فروش گرفتار

عثمان شاھه ھڙي: ايس ايس پي ٽنڊوالهيار سليم شاھه جي هدايتن تي منشيات فروشن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو پيو وڃي. عمرساند پوليس ٻن الڳ الڳ ڪاررواين دوران ٽن ڄڻن خان محمد شيخ ۽ آفتاب شيخ کي گرفتار ڪري 20 ليٽر ڪچو شراب هٿ ڪيو. جڏهن ته شورا واٽر وٽ ڪارروائي دوران پوليس حبدار مڱڻھار کي گرفتار ڪري 150 مين پڙيون هٿ ڪري جوابدارن خلاف ڌار ڌار منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ڇڏيا. ايس ايڇ او منظور جمالي موجب ايس ايس پي ٽنڊوالهيار سليم شاهھ جي خاص هدايتن تي ڏوهارين توڙي منشيات فروشن خلاف ڪارروايون تيز ڪيون ويون آھن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button